Saturday , April 20 2024

ڪراچي: پوڙها ٿي ويندؤ پوءِ به ٻڌا رهندا ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺهندي: نثار کهڙو

Sohrab sarkiZafar kamalinisar khuhri assembly

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي متحده جي ايم پي اي ظفر ڪمالي ٿر جي ڪوئي ۽ ان مان بجلي پيدا ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته، ننڍي هوندي کان ٻڌندا پيا اچون ته، ٿر ۾ ڪوئلو آهي، جنهن مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. ظفر ڪمالي چيو ته ڪٿي ايئين ته ناهي جو سنڌ حڪومت ڳاڙهي بتي جي پويان ڊڪائي رهي آهي.

ظفر ڪمالي جي موقف جو جواب ۾ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو کيس جواب ڏيندي چيو ته، پوڙها ٿي ويندؤ پوءِ به اها ڳالھ ٻڌندا رهندا، باقي ڳاڙهي بتي پويان ڊڪڻ واري ڳالھ هنه ڪيو جڏهن ٿر جي ڪوئلي ۾ سيڙپڪارن کي ڀڄايو ويو ان دور جي حڪومت ۾ اوهان / ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ ويٺل هئا. نثار کهڙو جي اهڙي موقف تي ن ليگ جي عورت ايم پي اي سورٺ ٿيٻو ۽ نثار کهڙُ ۾ جملي بازي ٿي جنهن کي ٻين ميمبرن وچ ۾ پئي روڪي ورتو.

سنڌ اسيمبلي ۾ توجھ ڏيو نوٽيس تي ڳالهائيندي سانگهڙ مان ف ليگ جي ميمبر سعيد نظاماڻي چيو ته سانگهڙ سول اسپتال کي اپ-گريڊ ڪري ڊاڪٽرن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. جنهن تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو چيو ته، سانگهڙ سول اسپتال جو درجو وڌايو /اپ-گريڊ ڪيو ويو آهي، اسپتال ۾ ڪجھ سهولتن، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي جيڪا کوٽ آهي ان کي جلد ختم ڪيو ويندو.

ف ليگ جي ميمبر وريام فقير چيو ته سانوڻي جي مينهن جي موسم آهي، سانگهڙ ضلعي جي سم نالي ۽ ٻين نالن جي کاٽي ڪرائي وڃي ۽ جتي ضرورت آهي اتي صفائي ڪرائي وڃي، ڪٿي ائينن نه ٿئي جو پوءِ نقصان ٿئي ۽ ڪجھ نه ڪري سگهجي. جنهن تي صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته سانگهڙ جي مُکي ڊرين سميت ٻين نالن جي کاٽي سان گڏ صفائي ڪرائي وئي آهي. سانوڻي جي امڪاني تيز برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آحن.

اجلاس دوران پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي سنڌ جي گورنر محمد زبير کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته، گورنر وٽ آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ واندڪائي ناهي هوندي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل بل بنا پڙهڻ جي اجايا اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي ٿو. سهراب سرڪي وڏي عرصي کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته گورنر محمد زبير وزارت عظميٰ جي اميدوار لاءِ ووٽ گهرڻ ايم ڪيو ايم جي آفيس ويو جيڪو غير آئيني ڪم آهي، گورنر کي سياسي سرگرمي ڪرڻ جي اجازت نه آهي. سپريم ڪورٽ گورنر جي غير آئيني سرگرمين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *