Thursday , March 28 2024

ڪراچي پوليس جو شڪي مقابلي دوران شاگردياڻي به مارجي وئي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي پوليس جو هڪ وڌيڪ شڪي مقابلو سامهون اچي ويو آهي، نارٿ ناظم آباد جي انڊا موڙ ڀرسان مبينا ڦورن سان مقابلي  دوران فائرنگ ۾ شاگردياڻي مارجي وئي، پوليس جي دعويٰ موجب مقابلي دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ شاگردياڻي نمره زخمي ٿي پئي جيڪا علاج دوران فوت ٿي وئي، ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جيڪي به اسپتال نيئندي مري ويا. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات جو ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ انڊا موڙ وٽ، شڪي پوليس مقابلي دوران 2 ڦورو ۽ هڪ ناري زخمي ٿي پيا هئا. پوليس جي دعويٰ آهي ته، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٻن ڦورن مان هڪ مبينا ڦورو اسپتال نيئندي ۽ ٻيو اسپتال پهچڻ بعد زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا هئا.

پوليس ۽ مبينا ڦورن جي وچ ۾ ٿيل شڪي پوليس مقابلي دوران ميڊيڪل جي هڪ شاگردياڻي نمره به زخمي ٿي پئي هئي، جنهن کي اسپتال نيو پي ويو ته اُها به زخمن جي سٽ سهي نه سگهي ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو. پوليس جي شڪي مقابلي ۾ مارجي ويل شاگردياڻي جي وارثن چيو آهي ته، سندن نياڻي پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي وئي آهي. هنن چيو ته مقابلي دوران 2  ڦورو مارجي ويا ۽ سندن نياڻي به مارجي وئي پر پوليس جو ڪو به نقصان ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.انڊا موڙ ويجهو ٿيل شڪي پوليس مقابلي ۾ شاگردياڻي نمره جي مارجڻ واري معاملي بعد آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ جي جي هدايتن بعد ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ پوليس مقابلي دوران شاگردياڻي نمره جي مارجي وڃڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سي آءِ اي عارف حنيف جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي. جنهن ۾ ايس ايس پي نعمان صديقي، ايس پي ٽريفڪ سميع الله سومرو به شامل هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *