Friday , March 29 2024

ڪراچي پريس ڪلب وفاقي حڪومت جي اعلانيل گرانٽ قبولڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي پريس ڪلب جو وفاقي حڪومت پاران اعلان ڪيل گرانٽ ۽ ان جي طريقي ڪار تي ڳڻتي جو اظهار وفاقي گرانٽ قبول ڪرڻ کان معذرت جاري ڪيل 10 لک روپين جو چيڪ واپس ڪرڻ جو اعلان.

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي پريس ڪلب وفاقي سرڪار پاران اعلان ڪيل گرانٽ ۽ ان جي طريقي ڪار تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيڪ قبول ڪرڻ کان معذريت ڪري ڇڏي ۽ جاري ڪيل چيڪ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو . ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ، سيڪريٽري ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن جاري ڪيل پڌرائي ۾ وفاقي حڪومت کي واعدا ياد ڪرائيندي چيو آهي ته واعدن مطابق ميڊيا ورڪرز کي فوري طور تي صحت ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ، پگهارن جي فوري ادائگي بابت مستقل طريقيڪار واضع ڪيو وڃي ، ۽ سستي رهائشي اسڪيمن ۾ باقائدو شامل ڪيو وڃي . اڱاري جي ڏهاڙي ڪراچي پريس ڪلب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب سڄي ملڪ جو مرڪزي پريس ڪلب آهي جنهن جي مملڪ ۾ مظلوم طبقن ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ ڪيل جدوجهد سڀني جي سانمهون آهي ، ان سان گڏو گڏ ڪراچي پريس ڪلب صحافي برادري جي وڏي انگ کي ذهني نشر نما سان گڏ پيشيوراڻي خدمت ۽ ڪينيٽين جي سهوليت پڻ رعايتي اگهه ۾ فراهم ڪري رهيو آهي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت بجٽ ۾ 25ملين روين جي رقم فراهم ڪندي آهي ، وفاقي حڪومت پاران پهريون ڀيرو اعلان ڪيل 10 لک روپين جي رقم خود وفاق لاءِ سواليه نشان آهي پڌرائي ۾ وفاقي سرڪار کي چيو ويو آهي ته ملڪ جي سڀني وڏن پريس ڪلبز کي اعتماد ۾ وٺي گرانٽ لاءِ متفقه لائحه عمل طئه ڪيو وڃي ۽ ان کي وفاقي بجٽ جو حصو بڻايو وڃي جڏهن ته ميڊيا ۽ نان ميڊيا ورڪرز لاءِ فوري طور تي صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن . پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت ڪرونا وئرس جي وبا سبب ملڪ جي ٻين ادارن سان گڏوگڏ ميڊيا انڊسٽري به سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن ميڊيا ورڪرز برطرفيبن ۽ پگهارن جي ڪٽوتي ۽ وقت تي پگهارون جاري نه ٿيڻ جهڙي عمل کي منهن ڏئي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي غير معمولي قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي، پڌرائي ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ميڊيا انڊسٽري کي باقائده طور تي انڊسٽري تسليم ڪري ٻين شعبن وانگر ڀرپور سپورٽ ڪئي وڃي ۽ ٻين انڊسٽرين وانگر ميديا انڊسٽري لاءِ به ملازمن جي پگهارن سان مشروط خصوصي بيل آئوٽ پيڪيج جاري ڪيو وڃي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *