Wednesday , April 17 2024

ڪراچي: وفاقي گهرو وزارت ايپيڪس ڪميٽي جي سفارشن کي نظر انداز پئي ڪري،سنڌ ۾ بل ادا ڪندڙ جي به بجلي ڪاٽي پئي وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي:

وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي گهرو وزارت پاران 94 مدرسن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جون سفارشون نظر انداز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير حيسڪو ۽ سيپڪو کي به خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به سرڪاري آفيس جي بجلي ڪاٽي وئي ته هو پاڻ ڪارروائي ڪندو.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران امن امان ۽ اين ايف سي ايوارڊ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار فيصلا ڪيا ويا.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي موبائل فون ڦر ڪندڙ ۽ خريد ڪندڙ خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته دهشتگردن اسان جي قيادت ۽ اهلڪارن کي شهيد ڪيو، دهشتگردن ۽ سندن ساٿين خلاف ڪارروائي کان حڪومت پوئتي نه هٽندي.
هن چيو اپيڪس ڪميٽي جي سفارشن تحت 94 مدرسن خلاف ڪارروائي واري لسٽ ثبوتن سان گڏ وفاقي گهرو وزارت ڏانهن اماڻي وئي پر ان کي سياست جي نذر ڪري سرد خاني ۾ اڇلايو ويو.
اجلاس دوران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه صوبي خاص طور ڪراچي ۾ امن امان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ وارن واقعن ۾ گهڻي ڀاڱي گهٽتائي آهي، جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ به ڪوششون جاري آهن.
آءِ جي ٻڌايو ته موٽر سائيڪل تي ٿيندڙ وارداتن ۾ 30 سيڪڙو ۽ گاڏين تي ٿيندڙ وارداتن ۾ 34 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي، بهادرآباد، فيروزآباد ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس کي ڪميونٽي جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته عاصم ڪپري ۽ اسحاق بوبي جي گرفتاري اهم ڪاميابي آهي، ان گينگ 98 ڄڻن کي قتل ڪيو ، جوابدارن جي نشاندهي تي ڪارروايون جاري آهن.
آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته صوبي ۾ هن وقت اغوا جو ڪوبه ڪيس ناهي ۽ گذريل سال مختلف ڪاررواين دوران 11 اغوا ڪندڙ مارجي ويا.
وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطي لاءِ ايس ايڇ اوز کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي .
اجلاس دوران وڏي وزير حيسڪو ۽ سيپڪو کي به خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به سرڪاري آفيس جي بجلي ڪاٽي وئي ته هو پاڻ ڪارروائي ڪندو.
اجلاس بعد پ پ سينيٽر سعيد غني بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس دوران سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل ۾ ترميم جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت يوسي چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري رٿ پيش نه ڪري سگهبي.
هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت وٽ ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو موجود آهي ۽ ايندڙ سيزن لاءِ 12لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سعيد غني ٻڌايو ته هٿيارن جا لائسنس جاري ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سفارشن جي روشني ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *