Friday , March 29 2024

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي ڪارروائي، ڪراچي واٽر بورڊ اينڊ سيوريج پاران رپورٽ ڪميشن ۾ پيش

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي ڪارروائي، ، ڪراچي واٽر بورڊ اينڊ سيوريج پاران رپورٽ جمع

سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال بابت جوڙيل ڪميشن نئين عمارتن جي تعمير بابت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ کي ضابطا طئي ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏئي ڇڏي، ڪميشن گڏجاڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گئس کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ جي شهرن ۾ صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واٽر بورڊ طرفان رپورٽس جمع ڪرايون ويون. واٽر بورڊ جي 5 سالا ڪارڪردگي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي 22 ملين ماڻهن لاءِ روزانو 12 سئو ملين گيلن پاڻيءَ جي ضرورت آهي، جيڪا 6 سئو 86 ملين گيلن روزاني سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. واٽر بورڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شهر ۾ هلندڙ 24 هائيڊرنٽس مان رڳو 7 واٽر بورڊ جا پنهنجا آهن، جڏهن ته 148 پمپنگ اسٽيشن ۽ 6 فلٽر پلانٽس آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول ٿارٽي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪنهن به عمارت جي تعمير لاءِ واٽر بورڊ کان اين او سي جي ضرورت نه آهي. وڪيل چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي 1997ع وارن قانونن تحت ڪنهن به عمارت جي تعمير لاءِ واٽر بورڊ کان اين او سي جي ضرورت نه آهي، شهر جي 60 سيڪڙو آبادي ڪچي آبادين ۾ رهي ٿي، جيڪا پاڻي جو ڪوبه بل نٿي ڏئي. ڪميشن نين عمارتن جي تعمير جي حوالي سان واٽر بورڊ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي گڏجي ضابطا طئي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. پاڻي ڪميشن چيو آهي ته گڏجاڻي ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني کي به گڏجاڻيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *