Thursday , April 25 2024

ڪراچي مان پر اسرار نموني گم ٿي ويل ٿر واسي ٻن ڀائرن ڏس پتو نه پيو

پوليس مختلف ٿاڻن جا چڪرڪٽرائيندي رهي، ايف آءِ آر يا اين سي به داخل ناهي ڪئي: نوجوانن جي وارثن جو الزام

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪلفٽن جي بوٽ بيسن واري علائقي مان پر اسرار نموني گم ٿي ويل ٻن ٿر واسي سڳن ڀائرن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو، پوليس سکڻي اين سي داخل ڪرڻ کان به لنوائڻ لڳي، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، نوجوانن جو پتو لڳائڻ لاءِ پوليس به سهڪار نه پئي ڪري. ڪراچي جي طارق روڊ واري علائقي ۾ رهندڙ ٿر واسي ٻن سڳن ڀائرن گورڌن ۽ پهلاج ڪمار جي پراسرار گمشدگي ڳجهارت بڻجي ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته ته ٻنهي ڄڻن کي ڊفينس جي گولڊ مارڪ واري علائقي ۾ ڪنهن شخص سڏايو جنهن به ٻئي ڄڻا گم آهن. گورڌن ۽ نيراج ڪمار جي وارثن جو چوڻ آهي ته، هُو مختلف ٿاڻن جا ڪاٽيندا رهيا آهن، پر پوليس رپورٽ ئي داخل نه ڪئي. نوجوان نيراج ڪمار جي والد شيوانند موجب ٻنهي نوجوانن کي هڪ نمبر تان ڪال آئي، ڪال ڪندڙ پنهنجو نالو انسپيڪٽر سليم ٻڌايو، هن نوجوانن کي چيو ته آئون انسپيڪٽر آهيان، اوهان ڊفينس ۾ گولڊ مارڪ وٽ اچو، اوهان خلاف شڪايت آئي آهي. فون اچڻ بعد نوجوان گھران گولڊ مارڪ وڃڻ لاءِ نڪتا ته گم ٿي ويا، جنهن نمبر تان ڪال آئي هئي، اهو نمبر به بند آهي. هن ٻڌايو ته ايس ايڇ او ڊفينس محمد علي سان ربطو ٿيو ته هن چيو ته اوهان ڪنهن به ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وٺو، هن چيو ته آئون طارق روڊ واري علائقي ۾ رهندو آهيان، ايس ايڇ او جي اهڙي صلاح بعد اسان فيروزآباد ٿاڻي تي وياسين پر ايس ايڇ او چيو ته اها اسان جي حد ناهي، جنهن بعد ڊفينس ٿاڻي تي آياسين ته پوليس چيو اها اسان جي نه پر فيروزآباد ٿاڻي جي حد آهي. هن چيو ته اسان جا 2 نوجوان ڏينهن ڏٺي اغوا ٿي ويا آهن پر پوليس اسان کي ٿاڻن جا چڪر ڪٽرائيندي رهي هن چيو ته گورڌن ۽ نيراج ڪمارخانگي ادارفي ۾ نوڪري ڪندا آهن، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. هن مطالبو ڪيو ته پوليس جي رويي جو نوٽيس وٺي اسان جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *