Wednesday , April 24 2024

ڪراچي: لينڊيوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل خلاف احتساب عدالت ۾ فرد جرم لاڳو

ڪراچي:

ڪراچي جي احتساب عدالت سرڪاري زمين تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ لينڊ يوٽيلائزيشن جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،نيب چيو آهي ته جوابدارن ڳوٺ آباد اسڪيم جي نالي تي 43 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري جعلي دستاويز ٺاهي وڪرو ڪئي ۽ قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.
احتساب عدالت ۾ سرڪاري زمين غير قانوني طور الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
نيب عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدارن ڳوٺ آباد اسڪيم تحت 43 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري جعلي دستاويز ٺاهي وڪرو ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل، عبدالمالڪ چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو.
جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت شاهدن کي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *