Thursday , March 28 2024

ڪراچي : عطائي ڊاڪٽر جي علاج سبب اک وڃائي ويهندڙ نينگري ضياءُ الدين اسپتال داخل

ڪراچي : خانپور مهر ۾ عطائي ڊاڪٽر جي علاج سبب اک وڃائي ويهندڙ نينگري ضياءُ الدين اسپتال داخل نينگري شهزادي شيخ جو ڪراچي جي جناح اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ هلندڙ آهي ٻارڙي جي رت جا نمونا وٺي لبارٽري اماڻيا ويا، رپورٽ اچڻ بعد باقائده علاج شروع ڪنداسي: ڊاڪٽر ميڊيا تي خبرن هلڻ بعد ڪراچي جي صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڪوششن سان سندن نياڻي جو علاج شروع ٿيو آهي: والدين خانپور مهر ۾ عطائي ڊاڪٽر جي علاج سبب اک وڃائي ويهندڙ نينگري شهزادي جو ڪراچي جي جناح اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ علاج جاري آهي، ٻارڙي جي رت جا نمونا وٺي لبارٽري اماڻيا ويا آهن، سندس والدين جو چوڻ آهي ته ڪي ٽي اين نيوز ۽ صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڪوششن سان سندن نياڻي جو علاج شروع ٿيو آهي. ڪي ٽي اين نيوز تي لڳاتار ٻارڙي شهزادي جي درد ڪٿا نشر ٿيڻ بعد ڪراچي جي صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او پير شبير حيدر ذاتي خرچ تي سندس علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻارڙي کي والدين سوڌو ڪراچي گهرايو. ٻارڙي شهزادي کي ڪراچي جي جناح اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندس رت جا نمونا وٺي لبارٽري اماڻيا ويا آهن. مختلف ٽيسٽن جون رپورٽس اچڻ بعد ٻارڙي شهزادي جو باقاعده علاج شروع ڪيو ويندو، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو ڀرپور ڪوشش ڪندا ته نينگري مڪمل طور صحتياب ٿي وڃي. ٻارڙي شهزادي جي والد علي حسن شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي ٽي اين نيوز ۽ ايس ايڇ او جي ڪوششن سان سندس نياڻي جو علاج شروع ٿيو آهي، کيس اميد آهي ته مڪمل علاج تائين سندن سهائتا جاري رکي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *