Tuesday , April 16 2024

ڪراچي سينٽرل جيل ڇا ٿيندو رهيو، سرگرمين کان جيل انتظاميا اڻڄاڻ هئي؟ رينجرز جو آپريشن وڏي تعداد ۾ غير قانوني سامان هٿ

Jail 02Jail 01

ڪراچي سينٽرل جيل ڇا ٿيندو رهيو، سرگرمين کان جيل انتظاميا اڻڄاڻ هئي؟ رينجرز جو آپريشن وڏي تعداد ۾ غير قانوني سامان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن بعد سينٽرل جيل ڪراچي جي جيل انتظاميا توڙي سنڌ جي گهرو کاتي جي ڪارڪردگي سواليا نشان بڻجي وئي آهي.

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ رينجرز، پوليس، ايف سي ۽ انٽيليجينس ادارن جي سهڪارسان جو سرچ آپريشن ڪري لکين رپيا روڪ رقم، غير قانوني سامان هٿ ڪيو ويو آهي، رينجرز جي برگيڊيئر شاهد چيو آهي ته، جيل اندر غير قانوني طريقي سان موبائل سمز استعمال ڪرڻ لاءِ جديد ڊوائيسز لڳايون ويون هيون. ڀٽائي رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر شاهد ڪراچي سينٽرل جي ۾ ڪيل آپريشن بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته، ڪراچي سينٽرل جي ۾ 25 سالن کانپوءِ ايف سي، پوليس ۽ انٽيليجينس ادارن جي سهڪار سان آپريشن ڪيو آهي. برگيڊيئر شاهد جاويد چيو ته، جيل اندر ڪيل آپريشن دوران سرچ آپريشن دوران 100 کان وڌيڪ موبائيل فون، يو ايس بيز، مختلف ڊوائيسز ۽ موبائل فونز جي استعمال لاءِ قيدين پاران لڳايل جديد قسم جون ڊوائيسز به هٿ ڪيون ويون آهن. هن چيو ته، قيدين جي تلاشي دوران صرف هڪ قيديءَ وٽان 7 لک رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي، قيدين جي قبضي مان مجموعي طور تي 33 لک رپيا هٿ ڪيا ويا ويا آهن. قيدين جي قبضي مان ذاتي استعمال هيٺ موجود 56 ٽن ڪچو راشن، 165 گئس سلينڊرز، 700 کان وڌيڪ ٽيليويزن، ايل سي ڊيز  ويز، پکا، فرجز ۽ منشيات به هٿ ڪئي  آهي. ڀٽائي رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر شاهد جاويد ميڊيا کي ٻڌايو ته، جيل ۾ 12 ڪلاڪن تائين ڪيل آپريشن دوران 600 هزار قيدين جي جسماني تلاشي پڻ ورتي وئي. هن چيو ته جيل اندر تلاشي دوران هٿ ڪيل سموري سامان جي ڇنڊ ڇاڻ بعد جيل انتظاميا جي حوالي ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *