Wednesday , April 24 2024

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مولابخش چانڊيو سميت وڏي وزير جي سمورن صلاحڪارن کي ملندڙ مالي فائدن ۽ ٻين مراعتن جا تفصيل گهرائي ورتا

ASGHAR JUNEJOMURTIZA WAHAB

سنڌ هائيڪورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کانپوءِ ٻين صلاحڪارن کان به کاتا واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن طلب ڪندي ٻن ڏينهن اندر سمورن صلاحڪارن ۽ معاونن کي مليل پگهارن ۽ مراعتن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس سجاد علي شاهه هٽايل صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي ٻن مهينن جي پگهار 12 لک 80 هزار رپيا ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته عوام جو پيسو صلاحڪارن تي ڪيئن لٽايو ويو آهي؟. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بينچ وڏي وزير جي قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کان قملدان واپس وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهرو عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي آگاهي ڏني ته مرتضيٰ وهاب کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته صلاحڪارن کي وزيرن جا اختيار ۽ پگهارون ڪهڙي طرح ڏنيون ويون؟. چيف جسٽس سجاد علي شاهه مرتضيٰ وهاب کي ٻن مهينن لاءِ 12 لک 80 هزار پگهار ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته عوام جو پيسو صلاحڪارن تي ڪيئن لٽايو ويو؟ عدالت صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي ۽ اصغر جوڻيجو سميت سمورن صلاحڪارن کان به کاتا واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن ۽ معاونن کي مليل پگهارن ۽ مراعتن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *