Friday , April 26 2024

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران رينجرز جي اختيارن ۾ 3 مهينن جي واڌ جو اصولي فيصلو، پوليسنگ جا اختيارن ملندا

ڪراچي: سنڌ حڪومت اصولي طور تي فيصلو ڪري ورتو آهي ته رينجرز جي مدي ۾ 3 مهينن جي واڌ ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب رينجرز کي پوليسنگ وارا اختيار نه ڏنا ويا ۽ رينجرز کي ڪراچي شهر کانسواءِ صوبي جي ٻين شهرن ۽ علائقن ۾ ڪاررواين لاءِ به اختيار ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين ان تي ڪو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.

ٻي طرف سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته رينجرز کي پولينسنگ وارن اختيارن اختيارن جو دائرو سڄي سنڌ تائين ڏيڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ مختلف ادارن ۽ شخصيتن وڏي وزير سان رابطو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي قيادت سان رابطي جي ڪوشش ڪئي آهي پر گذريل ڏينهن کان اڄ خميس ڏينهن منجهند جو اڍائي وڳي تائين پ پ پ پپارليامنٽيرينز جي قيادت سان رابطو نه ٿي سگهيو آهي. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته رينجرز کي جيڪي به اختيار ڏنا ويندا ان جو نوٽيفڪيشن جمعي تائين جاري ٿي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *