Friday , April 19 2024

، نصرت سحر پيٽرول کڻي اسيمبلي پهچي وئي، پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، لڙ بکيڙي جو امڪان

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نصرت سحر عباسي، تيمور ٽالپر ۽ امداد پتافي واري معاملي تي وڏي لڙ بکيڙي جو امڪان آهي.

نصرت سحر عباسي پاڻ سان گڏ پيٽرول کني اسيمبلي پهچي وئي آهي،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن امداد پتافي جي ايم پي اي شپ ختم نه ڪئي وئي ته هوءَ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي. ٻي طرف اجلاس ۾ صوبائي وزير امداد پتافي نصرت سحر عباسي سان جمعي واري ڏينهن اجلاس دوران غير مهذب زبان استعمال ڪرڻ واري معاملي تي معافي گهرندو. نصرت سحر عباسي آچر وري ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هُءَ امداد پتافي کي معاف نه ڪندي. نصرت سحر مطالبو ڪيو آهي ته امداد پتافي کان استعيفيٰ ڏياري وڃي ۽ ايم پي اي شپ به واپس ورتي وڃي. هن چيو ته امداد پتافي ميڊيا ذريعي معافي ورتي آهي ۽ ان ۾ به هُن پنهنجي غلطي تسليم ناهي ڪئي ته ڪو هن غلط ٻولي ڳالهائي آهي. ٻي طرف امداد پتافي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ”جيڪڏهن نصرت سحر عباسي جي دل آزاري ٿي آهي ته هو کائنس معافي وٺي ٿو. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي ڪجهه ايم پي ايز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن امداد پتافي پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ جو اقرار ڪري معافي نه ورتي ته پوءِ هُو به سندس خلاف احتجاج ڪندي نصرت سحر عباسي جو ساٿ ڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *