Friday , April 19 2024

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ جديد قومپرستي جي باني جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا پيش, ٺهراءُ منظور

ڪراچي:

سنڌ اسيمبلي جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد ۽ شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام لاءِ ۽ فاضل راهو جمهوريت لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو تنهنڪري ايوان کين ڀيٽا پيش ڪري .
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران نواز ليگ ايم پي اي اسماعيل راهو سائين جي ايم سيد جي سالگره ۽ هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهو جي ورسي جي موقعي تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو.
اسماعيل راهو چيو ته سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام لاءِ هن ايوان مان ٺهراءُ پاس ڪرايو، جڏهن ته شهيد فاضل راهو انقالابي اڳواڻ هو جنهن جمهوريت لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، تنهنڪري کين ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو وڃي، جنهن جي بعد ۾ اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت بل به پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسپيڪر وڌيڪ غور ويچار لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.
ايم ڪيو ايم جي باندي ايم پي اي ڪامران فاروقي کي به اجلاس ۾ آندو ويو.
اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار اسڪولز ۾ سردين جون ٻيهر موڪلون ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سخت سردي سبب معصوم ٻارڙا بيمار ٿي رهيا آهن،.تنهنڪري تعليم وارو وزير ٻارڙن جو احساس ڪري سردين جي موڪلن جو اعلان ڪري.
تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ايندڙ سال سردين جي صورتحال کي موڪلون ڪيون وينديون.
پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان ڪراچي جي روڊ رستن جي خراب حالت بابت التوا واري رٿ پيش ڪندي مطالبوڪيو ته ايوان کي آگاهه ڪيو وڃي روڊن جي حالت ڪنسٽرڪشن جي سبب يا ڪرپشن جي ڪري خراب آهي؟.
اجلاس دوران سينيئر وزير نثار کهڙي جيل کاتي بابت ميمبرز جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته قيدين کي بهتر کاڌو ۽ علاج جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.
نصرت سحر عباسي چيو ته جيل ۾ بيرڪن جي سائيز ڇا آهي هڪ بيرڪ ۾ ڪيترا قيدي رکيا ويندا آهن، جنهن جي جواب دوران نثار کهڙي نصرت سحر عباسي سان مخاطب ٿيندي هو پنهنجو تجربو ٻڌائي سگهي ٿو پر اوهان کي جيل وڃڻ نصيب ناهي ٿيو.
سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ڊپٽي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *