Saturday , April 20 2024

ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب 4 ڄڻا فوت 60 بيهوش

ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب 4 ڄڻا فوت 60 بيهوش، ڪي پي ٽي اختيارين پاران گئس خارج ٿيڻ جي خبرن کي رد ڪري ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڪي پي ٽي ويجهو ڪياماڙي واري علاقئي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 60 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا آحن، جن کي ضياءُ الدين اسپتال سميت مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪي پي ٽي جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته پورٽ تي ڪو به اهڙُ جهاز ناهي جنهن ۾ ڪيميڪلز هجن  ۽ انهن مان گئس خارج ٿي هجي، وڏي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.ڪياماڙي جي علائقي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ بابت علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ هڪ پرڏيهي جهاز لنگر انداز ٿيو هو جيڪو مختلف ڪيميڪلز سان ڀريل اهو اهي ڪيميڪلز ڪڍڻ دوران انهن مان گئسز خرج ٿيون ۽ علائقي ۾ عجيب قسم جي بوءِ پکڙجي ويئي جنهن بعد ماڻهو بيهوش ٿيا ۽ انهن مان ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، علائقي واسين جي دعويٰ آهي ته هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو بيهوش ٿيا آهن، جن کي ضيءَ الدين اسپتال، عباسي شهيد اسپتال سميت مختلف سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڪياماڙي پوليس موجب چين مان آيل بحري جهاز مان هڪ ڪنٽينر کي کوليو ويو ته ان مان گئس نڪتي پر ان ڳالهه جي تصديق اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. اکين ڏٺي هڪ شاهد موجب گئس ايتري ته زهريلي هئي جو فوري طور ماڻهو بيهوش ٿيڻ لڳا. پوليس جي دعويٰ هي ته جهاز ۾ موجود ڪنٽينرز ۾ مختلف قسمن جا ڪيميڪلز موجود آهن.

ڪراچي پورٽ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان وٽ اهڙو ڪو به جهاز لنگر انداز نه ٿيو آهي، جنهن مان زهريلي گئس خارج ٿي هئي، ڪي پي ٽي ترجمان جو چوڻ هو ته ڪي پي ٽي ۾ اهڙي ڪنهن به گئس خارج ٿيڻ جي ثابتي ناهي ملي، سمورن متاثر ماڻهن کي روڊ تان کڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زهريلي گئس  جي نتيجي ۾ چئن ماڻهن جي بيهوش فوت ٿيڻ ۽ 60 ماڻهو بيهوش  ٿيڻ جو نوٽيس ورتو آهي، وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، اسپتالن ۾ احتياطي طور تي صوتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام ڪيا وڃن ۽ بيهوش ٿيل ماڻهن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وڃن. ايڌي فئونڊيشن جي ترجمان فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته زهريلي گئس پکڙجڻ بعد ڪيااماڙي ۽ ڪي پي ٽي ايمبولينسز اماڻيون ويون آهن، ابتدائي طبي امداد لاءِ به بندوسبت ڪيو ويو آهي. فيصل ايڌي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گئس جو اثر تڪڙو نه ٿو ٿئي پر جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آحن انهن جو چوڻ آهي ته آهستي آهستي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ سندس طبيعت خراب ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *