Friday , March 29 2024

ڪراچي جي بهار ڪالوني ۾ ماءُ ٻن معصوم ٻارڙن سميت خنجر جا وار ڪري بيدردي سان قتل

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بهار ڪالوني واري علائقي جي هڪ گهر مان خنجرن جا وار ڪري قتل ڪيل ماءُ ۽ سندس ٽن سالن جي ٻن جاڙن ٻارڙن جا لاش هٿ، علائقي ۾ سوڳ، پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. ڪراچي جي بهار ڪالوني واري علائقي جي هڪ گهر مان 32 سالن جي انيلا خاتون، سندس 3 سالن جي ٻن جاڙن ٻارڙن عبدالهادي ۽ بسيرا فاطمه جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي کي خنجرن جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي، گهر مان ڪا به شئي کنيل نه آهي، لڳي ٿو ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آهيو آهي، مقتول عورت جي ڏير عبدالقيوم جو چوڻ آهي ته، سندس ڀاءُ 6 سالن کان هن علائقي ۾ رهندو هو، گهر واري سان ڪڏهن به جهيڙي جهٽو به نه ٿيو هو، سندس ڪنهن سان ڪا دشمني به نه هئي. پاڪستگان بازار ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته عورت ۽ سندس ٻن معصوم ٻارڙن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، واقعي واري گهر خاص طور تي ان ڪمري جنهن مان لاش مليا آهن انهن جو معائنو ڪري ڪجهه شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي پڇاڳاڇا دوران اڃا تائين واقعجي بابت ڪي به شاهديون نه ملي سگهيون آهن. ايس ايس پي ويسٽ شوڪت کٽياڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، شروعاتي معلومات مطابق عورت جو مڙس 8 وڳي ب رگر وٺڻ لاءِ گهران نڪري ويو هو، هو 10 هين وڳين جيئن ئي گهر آيو ته ڪمري ۾ سندس زال ۽ ٻن ٻارڙن جا رت ۾ ٻڏل لاش پيل هئا. مارجي ويل عورت جي ڏير عبدالقيوم ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ درزڪو ڪم ڪندو آهي ۽ هن علائقي ۾ گذريل 6 سالن کان رهندو هو، سن دس ڪنهن سان ڪو جهيڙو جهٽو به نه هو.هن ٻڌايو ته سندس ڀاءَ جو زال سان به ڪڏهن ڪو به جهيڙو نه ٿيو هو، خبر نه آهي ته هي ناحق ڪنهن ڪيو آهي..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *