Thursday , April 25 2024

ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ گهر کي باهه 7 گهر ڀاتي سڙي فوت

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن سميت 7 گهر ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا. بلديا ٽائون جي ملنگ ڳوٺ جي رهواسڻ ذهني مريض عورت پنهنجي ئي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت، سندس 3 پٽ ۽ 3 نياڻون سڙي فوت ٿي ويون. باهه جي نتيجي ۾ هڪ ٻارڙو ساجد سميت 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. سڙي فوت ٿيل ٻارڙين ۾ نازيا، نائلا،ظفر، طيب ۽ رقعيه بي بي شامل آهن. سانحي سبب هڪ ٻارڙو ساجد سڙي سخت زخمي ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ساجد ابتدائي بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته سندس امڙ گهر کي باهه لڳائي، جنهن جو ذهني تواز درست نه هو ۽ گذريل ڪجهه مهينن کان سندس علاج به هلندڙ هو. پوليس جو چوڻ آهي ته، علائقي واسين ٻڌايو ته گهر ڌڻي علي بخش رات 3 وڳي ڌاري گهر کان ٻاهر ويندي ڏٺو ويو هو، جنهن جي ڪجهه دير کائنپوءِ گهر کي باهه لڳي. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. گهر مالڪ علي بخش جو چوڻ آهي ته، سندس گهر واري ذهني مريض هئي ۽ اها ڪنهن ڪنهن وقت گهر ڀاتين کي سڃاڻي نه سگهندي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *