Friday , March 29 2024

ڪراچي جو قديمي اسڪول ڊاهڻ وارو مامرو، ايس ايڇ او سميت 4 جوابدار رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي

 school building 2 school building 4

ڪراچي جي سولجر باراز ۾ قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول ڊاهڻ واري مامري ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، تعليم کاتي پاران نيٺ اسڪول ڊاهڻ جي ڌار ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، سي ٽي ڊي پوليس مک جوابدار ايف آءِ اي انسپيڪٽر عدنان کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اڳ گرفتار ڪيل 3 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

سولجر بازار جو قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول ڊاهڻ واري ڪيس ۾ اڳ گرفتار ڪيل 4 جوابدارن ايس ايڇ او ارشاد سومرو، حاڪم علي، احمد ميمڻ ۽ غلام فريد کي سي ٽي ڊي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.

school building 5

سي ٽي ڊي جي جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته، جوابدار قومي ورثو قرار ڏنل اسڪول جي عمارت ڊاهڻ ۾ ملوث آهن، جن کان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سندن حوالي ڪيو وڃي.

عدالت گرفتار ڪيل چئني جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي حوالي ڪندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻي طرف تعليم کاتي کي به نيٺ اسڪول ڊاهڻ واري معاملي جو اسڪول جي هيڊ ماستر جي فرياد تي ڌار ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

سي ٽي پوليس ڪارروائي ڪري اسڪول ڊاهڻ واري ڪيس جي مک جوابدار ايف آءِ اي جي انسپيڪٽر عدنان کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *