Friday , April 19 2024

ڪراچي: تعليم، صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ڳوٺاڻي ترقي لاءِ بجيٽ ۾ نالي ماتر واڌ

education deptt. 1

سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليمي شعبي جي ترقياتي بجيٽ 23 سيڪڙو، صحت جي بجيٽ 11 سيڪڙو، مڪاني ادارن جي ترقياتي بجيٽ 39 سيڪڙو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙين جي ترقي جي بجيٽ 24 سيڪڙو، ڪيمونٽي ڊولپمينٽ پروگرام جي بجيٽ 135 سيڪڙو، قانون ۽ پارلياماني معاملن جي بجيٽ 63 سيڪڙو، ورڪس اينڊ سروسز جي ترقياتي بجيٽ 86 سيڪڙو ۽ آبپاشي کاتي جي بجيٽ 57 سيڪڙو وڌائي وئي آهي. تعليمي شعبي جي ترقياتي بجيٽ 17 ارب 23 ڪروڙ 30 لک رپين مان وڌائي 21 ارب 12 ڪروڙ 80 لک رپيا ڪئي وئي آهي. صحت کاتي جي بجيٽ 14 ارب رپين مان ساڍا 15 ارب رپيا، مڪاني ادارن جي بجيٽ 20 ارب 73 ڪروڙ رپين مان وڌائي 28 ارب 78 ڪروڙ رپيا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ رورل ڊولپمينٽ جي ترقياتي بجيٽ 7 ارب 26 ڪروڙ رپين مان وڌائي 9 ارب رپيا، ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام جي بجيٽ ساڍا 8 ارب مان وڌائي 20 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ورڪس اينڊ سروسز جي ترقياتي بجيٽ 14 ارب رپين مان وڌائي 26 ارب رپيا ۽ آبپاشي کاتي جي ترقياتي بجيٽ 14 ارب رپين مان وڌائي 22 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ٻين کاتن مان زراعت کاتي جي بجيٽ 6 ارب 98 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي، اوقاف، زڪوات ۽ عشر کاتي جي بجيٽ 27 ڪروڙ 40 لک رپيا، بورڊ آف روينيو جي ترقياتي بجيٽ 2 ارب 19 ڪروڙ 80 لک رپيا، ڪوآپريٽو کاتي جي بجيٽ هڪ ڪروڙ 10 لک رپيا، ثقافت، سياحت ۽ قديمي آثار کاتي جي بجيٽ 2 ارب 87 ڪروڙ 50 لک رپيا ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ترقياتي بجيٽ 11 ارب 25 ڪروڙ رپيا، ڪاليج ايجويڪشن کاتي جي بجيٽ 5 ارب رپيا، خصوصي تعليم کاتي جي ترقياتي بجيٽ 21 ڪروڙ 30 لک رپيا، اسٽيوٽا جي ترقياتي بجيٽ هڪ ارب 6 ڪروڙ 50 لک رپيا ۽ يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز جي ترقياتي بجيٽ 3 ارب 60 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي. اهڙي طرح ماحوليات کاتي جي ترقياتي بجيٽ 40 ڪروڙ رپيا، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جي 14 ڪروڙ رپيا، ناڻي کاتي جي ترقياتي بجيٽ 2 ارب رپيا، خوراڪ کاتي جي ترقياتي بجيٽ 10 ڪروڙ رپيا، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلي کاتي جي بجيٽ 84 ڪروڙ رپيا، گورنر سيڪريٽريٽ جي ترقياتي بجيٽ 11 ڪروڙ 70 لک رپيا، گهرو کاتي جي ترقياتي بجيٽ 2 ارب 44 ڪروڙ رپيا، انساني حقن واري کاتي جي بجيٽ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا، صنعتن واري کاتي جي ترقياتي بجيٽ 2 ارب 74 ڪروڙ رپيا، انفارميشن کاتي جي بجيٽ 20 ڪروڙ رپيا، انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي کاتي جي بجيٽ هڪ ارب 38 ڪروڙ رپيا، ڪچي آبادي کاتي جي بجيٽ 10 ڪروڙ رپيا، ليبر کاتي جي ترقياتي بجيٽ 12 ڪروڙ رپيا، لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي بجيٽ هڪ ارب 70 ڪروڙ رپيا رکي وئي آهي.

مائنز اينڊ منرلز کاتي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا، اقليتي معاملن واري کاتي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ هڪ ارب 72 ڪروڙ رپيا، رٿابندي بورڊ جي ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ارب 65 ڪروڙ رپيا، پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي ترقياتي ڪمن لاءِ 60 ڪروڙ رپيا، سنڌ اسيمبلي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 2 ارب 28 ڪروڙ رپيا، صوبائي محتسب سيڪريٽريٽ جي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، بحالي کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 70 ڪروڙ رپيا، سماجي ڀلائي کاتي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 29 ڪروڙ رپيا، رانديون ۽ نوجوانن جي کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 2 ارب 10 ڪروڙ رپيا، ٿرڪول انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ لاءِ 13 ارب 75 ڪروڙ رپيا، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي ترقياتي منصوبن لاءِ 3 ارب 19 ڪروڙ رپيا ۽ عورتن جي ترقياتي واري کاتي جي منصوبن لاءِ 42 ڪروڙ 60 لک رپيا رکيا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *