Thursday , March 28 2024

ڪراچي: ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ جي پگهار ۽ ٻين مالي فائدن ۾ واڌ، 7 بدران 18 لک معاوضو مقرر، اي جي سنڌ ڪار بدران پراڊو استعمال ڪندو

AG sindh

سنڌ سرڪار ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي پگهار ۽ ٻين مالي مراعتن/ فاعدن ۾ هڪدم واڌ ڪري ڇڏي آهي. اي جي سنڌ جي پگهار ۽ ٻيا مالي فائدا 7 لک رپين مان وڌائي 18 لک رپيا ماهوار ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جي ذريعي ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جي مالي مراعتن ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار پئڪيج 7 لک رپين مان وڌائي 18 لک ڪري ڇڏيو آهي، اي جي سنڌ جي روزاني الائونس ۾ واڌ ڪندي، 2 هزار رپين مان 4 هزار رپيا ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ سرڪار پاران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو ماهوار پئڪيج 3 لک رپين مان وڌائي 5 لک 60 هزار رپيا ڪري ڇڏيو آهي، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو پئڪيج 2 لک رپين مان وڌائي 3 لک 80 هزار ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ سرڪار سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي رٽينر شپ جي مد ۾ ملندڙ هڪ لک 50 هزارن مان وڌائي 4لک 20 هزار، نان پريڪٽس الائونس 4 لک 50 هزار رپين مان وڌائي 12 لک 60 هزار، هائوس رينٽ هڪ لک رپين مان وڌائي هڪ لک 20 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. 13 سئو سي سي ڪار بدران کيس پراڊو جهڙي گاڏي، ماهوار 4 سئو لٽر تيل ۽ روزانو الائونس 2 هزار رپين مان وڌائي 4 هزار رپيا ڪيو وڃي ٿو.

اهڙي ريت ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد وڃڻ جي صورت ۾ سنڌ هائوس ۾ رهائش اختيار ڪندو ۽ جيڪڏهن سنڌ هائوس ۾ سندس رهائش جو انتظام نه ٿيو ته هو فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائس اختيار ڪري سگهندو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جي رٽينر شپ الائونس 45 هزارن مان وڌائي هڪ لک، نان پريڪٽس الائونس 2 لک 25 هزارن مان وڌائي 4 لک، هائوس رينٽ 30 هزارن مان وڌائي 60 هزار ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جو مالي پئڪيج به 2 لک رپين مان وڌائي 3 لک 80 هزار رپيا ڪيو ويو آهي.

ٻي طرف سپريم ڪورٽ پاران سنڌ حڪومت کي ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ خانگي وڪيل کي مقرر ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، ان باوجود به سنڌ سرڪار مختلف ڪيسن ۾ پيروي لاءِ خانگي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کي به مقرر ڪندي رهي آهي، جنهن هڪ گذريل ٻن سالن دوران 23 ڪروڙ رپيا فيس جي مد ۾ جاري ڪري چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *