Tuesday , April 23 2024

ڪراچي: ايم ڪيو ايم وارن متحده باني خلاف پيش ڪيل ٺهراءُ وساري ڇڏيو: مرادعلي شاھ – ٻڌايو ته سنڌ جي شهرين کي گٽر جو مليل پاڻي ڪير ٿو پياري، سعيد غني کي 5/8 مهينن تائين روئارينداسين:خواجا اظهار

Khuwaja Izhar and Muad shah

وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته، خواجا اظهار الحسن اسيمبلي ۾ سڀ ڪجهه چئي ويو پر اهو واضع ناهي ڪيو ته سندس متحده باني سان ڪو به واسطو ناهي رهيو، خواجا اظهار الحسن ايم ڪيو ايم باني خلاف هن ئي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو ۽ اڄ سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته، پي ايس 114 تان چونڊيل ايم پي اي سعيد غني کي 5 کان 8 مهينن تائين روئارينداسين، جيڪي ڪراچي فتح ڪرڻ جي دعوي ڪندڙ ٻڌائن ته شهيد بينظير ڀٽو جي ضلعي، خيرپور ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ماڻهن کي گٽرن جو جوا پاڻي ڪير پيو پياري. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي خواجا اظهار چيو ته، اسان جي قيادت خلاف ڳالهيو پيو وڃي، جيڪڏهن اسان اوهان جي قيادت تي ڳالهائڻ لاءِ اسان وٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان موجوده قيادت تائين رڪاڊ ڀريو پيو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو واري پيپلز پارٽي ۽ موجوده پ پ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، اهو رڳو اسان نه پر سڄي دنيا چئي رهي آهي.

Murad shah 03

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته، خواجا اظهار الحسن اسيمبلي ۾ سڀ ڪجهه چئي ويو پر اهو واضع ناهي ڪيو ته سندس متحده باني سان ڪو به واسطو ناهي رهيو، خواجا اظهار الحسن ايم ڪيو ايم باني خلاف هن ئي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو ۽ اڄ سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي، پيپلز پارٽي ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندڙ چونڊون اڪثريت سان کٽندي. ماضي ۾ پي ايس 114 تان ايم ڪيو ڪامياب ٿيندي رهي پر اتي ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرائي تڪ جي عوام کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو، سنڌ حڪومت ترقياتي ڪم ڪرائي عوام کي رليف ڏنو آهي ته ان ۾ ڪهڙو عيب آهي. هن ئي ايوان ۾ خواجا اظهار الحسن ايم ڪيو ايم باني جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو مثبت قدم هو، ان کي سڀني ساراهيو. وڏي وزير اپوزيشن ليڊر جي تقرير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته، اڄ خواجا اظهار سڀ ڪجهه چئي به ويو پر واضع نه ڪري سگهيو آهي ته سندس متحده باني سان ڪو به واسطو نه آهي. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن خواجا اظهار اهو چوي ها ته اسان ايم ڪيو ايم باني کان ڌار ٿيڻ باوجود ننڍي چونڊ ۾ 18 هزار ووٽ حاصل ڪيا، ته اسين سڀ سندس موقف جي ساراهه ڪيون ها.

وڏي وزير چيو ته مخالف ڌر جو اهو الزام غلط آهي ته سنڌ حڪومت پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ دوران نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا، علائقي ۾ ترقياتي منصوبا بجيٽ جي سالياني ترقياتي منصوبن جو حصو آهن انهن کي روڪي نه ٿو سگهجي.

ٻڌايو ته سنڌ جي شهرين کي گٽر جو مليل پاڻي ڪير ٿو پياري، سعيد غني کي 5/8 مهينن تائين روئارينداسين:خواجا اظهار

Khuwaja Izhar still

خواجا اظهار الحسن جو چوڻ هو ته، پي ايس 114 تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي، اهو تڪ ايم ڪيو جو رهيو آهي ۽ رئوف صديقي ڪامياب ٿي ٻه ڀيرا وزير به رهي چڪو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته، اسان ماضي ۾ ان تڪ تان ڌانڌلين ذريعي ڪامياب ٿيندڙ شخص کي پنجن سالن تائين روئاريو ته سعيد غني کي 5 مهينن تائين روئاري سگهون ٿا. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ڪامران اختر چيو ته، ڪراچي سينٽرل جيل زنده انسانن جو قبرستان بڻجي ويو آهي، هڪ طرف قيدي علاج سميت سمورين قانوني سهولتن کان محروم آهن ته ٻئي طرف خطرناڪ قيدي فرار ٿي ويا. هن چيو ته جيڪڏهن جيل ليڪس منظر تي اچن ته جيالن جي سرڪار جا اهم ماڻهو پڪڙجي پوندا.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رئوف صديقي پي ايس 114 تي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل پ پ اڳواڻ سعيد غني مبارڪون ڏيندي چيو ته، اميد ته سعيد غني تڪ جي عوام جي خدمت ڪندو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *