Thursday , March 28 2024

ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز جي ڪارروائي، ڪروڙين رپين جي هيروئن هٿ

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪسٽم عملي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري منشيات اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي،عملدارن جوابدار کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي.ڪسٽم عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن سعودي عرب منشيات کڻي ويندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.منشيات فروش هڪ خانگي ايئر لائينز جي ذريعي ٻه ڪلوگرام منشيات کڻي وڃي رهيو هو.جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ منشيات جي ماليت ٻه ڪروڙ چاليهه لک رپيا آهي.ڪسٽم عملدارن ٻڌايو ته جوابدار پنهنجو نالو امتياز ظاهر ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *