Tuesday , April 16 2024

ڪراچي: امداد پتافي کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن: بلاول- پتافي کي نصرت سحر کان معافي وٺڻي پوندي:بختاور ڀٽو زرداري

ڪراچي:پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري امداد پتافي جي نصرت سحر عباسي سان غير مهذب ٻولي ڳالهائڻ جو نوٽيس وٺندي پ پ  پ سنڌ جي صدر کي هدايت ڪئي ته، امداد پتافي کي نوٽيس جاري ڪري کائنس وضاحت ورتي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن بعد پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو امداد پتافي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري، سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير امداد پتافي پاران فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسيءَ سان غير مهذب زبان استعمال ڪرڻ واري معاملي جي نيٺ 30 ڪلاڪن کان پوءِ نوٽيس ورتو آهي. بختاور ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽرتي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته امداد پٿافي جهڙي قسم جي غير مهذب زبان استعمال ڪئي آهي اها ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي ڪري سگهجي. بختاور ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته، شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي ۾ ڪنهن به ماڻهو کي اهڙي غير مهذب ٻولي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي جنهن سان هڪ عورت جي تذليل ٿئي.

بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽ پيغام ۾ وڌي چيو آهي ته امداد پتافي کي هر صورت ۾ معافي وٺڻي پوندي.

ٻي طرف گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش آيل واقعي بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ پ پارليامينٽيرينز جي سربراهه آصف زدراري پاران ان معاملي تي اڃا تائين ڪو به رد عمل ناهي آيو.

گذريل ڏينهن سنڌي اسيمبلي جي اجلاس دوران صوبائي وزير امداد پتافي پاران استعمال ڪيل غير مهذب زبان واري معاملي جو وڏي وزير مراد علي شاهه، قائم مقام گهورنر آغا سراج دراني جيڪو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر به آهي ان به ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.

نصرت سحر عباسي فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي آهي، جنهن سان پيش آيل غير مهذب زبان درازي جي معاملي تي اڃا تائين فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري يا پارٽي بيان جاري ناهي ڪيو ويو، جنهن تي سڄاڻ ڌرڻ پاران انتهائي حيرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

ٻي طرف بختاور ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي نوٽيس وٺڻ بعد امداد پتافي چيو آهي ته کائنس غلطي ٿي وئي هو ان تي نصرت سحر عباسي کان معافي وٺي ٿو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *