Friday , April 19 2024

ڪراچي: اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ حمايت ايوان ۾ مخالفت، سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي احتساب ايجنسي جو بل منظور

Khuwaja Izhar and Muad shah

سنڌ اسيمبلي صوبائي احتساب ايجنسي جي قائم ڪرڻ وارو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر احتساب بل تي اعتراض واريندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسيمبلي قانون ۾ مليل اختيار استعمال ڪندي رهندي. ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس  ۾ متحده جي پارلياماني ميمبر سيد سردار احمد پاران اسيمبلي ميمرن کي بدنيت قرار ڏيڻ تي وڏي وزير چيو ته توهان حڪومت ۽ اسپيڪر کي بدنيت قرار ڏنو،  توهان سخت جملا استعمال نٿا ڪري سگهو.

مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلي کي ڪرمنل لا تي قانونسازي نه ڪري سگهڻ جي اختيار واري ڳالهه درست ناهي، ملڪ جو آئين صوبائي اسيمبلي کي هر معاملي تي قانونسازي جو حق ڏئي ٿو. وڏي وزير چيو ته اسيمبلي قانون ۾ مليل اختيار استعمال ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتراض آهي ته سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل قانون خلاف عدالت وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته نيب جنهن ۾ هٿ وجهي ٿي ان کي           ٻيو هٿ نٿو لڳائي سگهي، نيب 10 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪندڙ کان اڍائي ڪروڙ رپيا وٺي کين ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي ٿي.

وڏي وزير جي خطاب بعد صوبائي وزير نثار کهڙو سنڌ احتساب بل 2017ع پيش ڪيو، جنهن جي شق وار منظور ڏني وئي. ان کان اڳ اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر محفوظ يار خان آئل ٽينڪر مافيا کي هدايت ۽ هڙتال ختم ڪرڻ لاءِ دعا ڪرائي. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سڄو ملڪ جنگ واري حالت ۾ آهي، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ قومي ايڪشن پلان تي سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ عمل ٿي رهيو آهي. ناصر شاهه چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب پيٽرول بحران پيدا ٿيو، وفاقي حڪومت جا گلوبٽ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن.

سوالن جوابن جي وقفي دوران ڪامران اختر تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو الزام هڻندي چيو ته ايوان کي ٻڌايو ته کاتي کي تباهه ڪندڙ ڪير آهن.تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته سنڌ ۾ شفاف طريقي سان ڀرتيون ٿيون، جيڪي اين ٽي ايس ذريعي عمل ۾ آيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *