Thursday , March 28 2024

ڪراچي:وزيراعظم جي وڪيلن وٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڪو به ثبوت نه آهي:عمران اسماعيل

پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل ۽ خرم شير زمان چيو آهي ته نواز شريف جي وڪيلن وٽ عدالت ۾ چوڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ اهي عدالت ٻاهران ڪيس وڙهي رهيا آهن، جن جو هر فورم تي مقابلو ڪنداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران اسماعيل چيو ته نواز شريف سولين آمريت هلائي رهيو آهي ۽ موٽو گينگ جي درٻارين جو پيڇو ڪندا رهنداسين . پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته ڪرپشن ۾ ڪنهن کي استثنيٰ حاصل ناهي ۽ ڪرپشن سبب سمورا ادارا تباهه ڪيا ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن نواز ليگ جو سوشل بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ماضي ۾ مشرف جي آشيرواد ۾ ڪم ڪندڙ اڄ نواز شريف کي بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن…… اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته آصف زرداري ننڍي چونڊ وڙهڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي، سندس آمريڪي دوري سبب ڪجهه دير ٿي آهي، ننڍي چونڊ جي شيڊول جو اعلان ڪيو وڃي ها ته آصف زرداري جو آمريڪي دورو متاثر ٿئي ها، وزيراعظم ڪو گناهه نه ڪيو آهي ته پوءِ ڇـُوٽ ڇا لاءِ گهري رهيو آهي، نوازشريف کي استثنا ڏيڻي آهي ته پوءِ يوسف رضا گيلاني واري سزا به ختم ڪرڻي پوندي. پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي ته پوءِ استثنيٰ ڇو گهري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي استثنيٰ لاءِ پهرين يوسف رضا گيلاني جي سزا ختم ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عدالت اڳ ئي استثنيٰ بابت فيصلو ڏئي چڪو آهي. آصف زرداري جي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ بابت سوال جو جواب ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته آصف زرداري جي اليڪشن وڙهڻ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي، آصف زرداري جي آمريڪي دوري سبب دير ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته ننڍي چونڊ جي شيڊول بعد آصف زرداري جو آمريڪي دورو متاثر ٿئي ها.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *