Thursday , April 25 2024

ڪراچي:سنڌي آبادين ۾ گهر شماري جا فارم پينسل سان ڀرڻ جو سلسلو جاري، اختياريون خاموش تماشائي بڻيل

census image3

ڪراچي جي اڪثريتي سنڌي آبادي وارن علائقن ۾ گهرن جي ڳڻپ واري مرحلي دوران شماريات جو عملو فارم پينسل سان ڀري رهيو آهي، جيڪو مامرو ميڊيا تي اچڻ باوجود شماريت کاتي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.

آدمشماري دوران گهرن جي ڳڻپ واري مرحلي ۾ ڪراچي جي سنڌي آبادين وارن علائقن، شانتي نگر، ڀٽائي آباد، گلستان جوهر، صفوران ڳوٺ، موسميات، حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ سميت سنڌين جي اڪثريتي آبادي وارن علائقن ۾ گهر شماري جا فارم پينسل سان فارم ڀرڻ جي ڌم لڳي پئي آهي. شماريات کاتي جي شڪايتي مرڪز سميت لاڳاپيل اختيارين کي شڪايتن جو ڪو به نوٽيس نه پيو ورتو وڃي، جڏهن ته شماريات کاتي پاران شڪايتن جي تصديق ڪرڻ باوجود سکڻن بيانن کانسواءِ ازالي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه پيو ڪيو وڃي.

census image2census image1

سنڌ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهرن، دڪانن ۽ عمارتن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ڊويزن، حيدرآباد، گهوٽڪي ضلعن ۽ سيوهڻ تعلقي ۾ ٻئي ڏينهن به گهرن ۽ گهراڻن جي ڳڻپ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ قائم ڪنٽرول روم پينسل سان فارم ڀرڻ واريون شڪايتون ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڇهين آدمشماري لاءِ شماريات کاتي پاران مقرر ڪيل انيومريٽرز ۽ ٻيو عملو اڄ ٻئي ڏينهن به گهرن جي ڳڻپ ڪري گهراڻا نمبر الاٽ ڪري رهيو آهي.

آدمشماري عملي کي فوج، رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار سڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن.

مختلف هنڌن تان بدنظمين جون شڪايتون سامهون اچڻ لڳيون آهن، ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ سارنگ فقير گوپانگ جي رهواسين دانهيو آهي ته مردم شماري عملي سندن ڳوٺ کي رڪارڊ ۾ نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي ڳڻپ کان انڪار ڪيو آهي.

ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي آدمشماري جي مانيٽرنگ لاءِ قائم ڪنٽرول رومز مان صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به پينسل سان فارم ڀرڻ جو سلسلو جاري رهيو، ڪنٽرول روم  اختيارين 8 هنڌن تان اهڙيون شڪايتون ملڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڪنٽرول روم انچارج  زاهد حسين ٻڌايو ته ضلعي ڪورنگي، اوڀر ۽ ملير جي ڪجهه علائقن مان شهرين شڪايت ڪئي آهي ته عملو پينسل سان فارمز ڀري رهيو آهي.

ڪنٽرول روم انچارج جو چوڻ آهي ته شڪايتن جي ازالي لاءِ فوري طور هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

census navy

واضح رهي ته گذريل ڏينهن کان پينسل ذريعي فارمس ڀري مردم شماري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوششن بابت گذريل ڏينهن کان خبرون نشر ٿيڻ باوجود شماريات کاتي جي اعليٰ اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو نه ئي ڪنهن جاچ جو ڪو حڪم ڏنو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *