Friday , March 29 2024

ڪالاباغ ڊئم کي پهريون ڀيرو فني بنيادن تي رد ڪندڙ عبدالمجيد قاضي وڇڙي ويو

ڪراچي( اصغر آزاد     سنڌ سماءَ چار) ناليوارو پاڻي ماهر ۽ اڳوڻو سينيٽر قاضي عبدالمجيد دل جي عارضي سبب ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.هن جو ڳاڻيٽو سنڌ جي انهن ماهرن ۾ ٿئي ٿو،جن سڀ کان اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي فني بنيادن تي رد ڪيو هو. ڪالاباغ ڊيم جي خلاف زوردار آواز ۽ سنڌ ڄائو قاضي عبدالمجيد جناح اسپتال جي ڪارڊيو وارڊ ۾ 87 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. عبدالمجيد قاضي 1931 ۾ نصر پور ۾ جنم ورتو.هو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر هو. قاضي عبدالمجيد سينيٽ جو اڳوڻو ميمبر هو،پاڻ سينيٽ جي ڪيترين ئي ڪميٽين جو چيئرمين رهيو.پاڻ سئي گيس جو مينيجنگ ڊائريڪٽر رهيا. عبدالمجيد قاضي ڪوسٽل ڊيولپمنٽ اٿارٽي جو به چيئرمين رهيو هو. قاضي عبدالمجيد جو ڳاڻيٽو انهن پاڻي ماهرن ۾ ٿئي ٿو، جن سڀ کان اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي رد ڪيو هو. هو پاڻي بابت سمورن فورمن تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور طريقي سان وڙهندو رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *