Friday , March 29 2024

ڪاري سون جي ديس جا مالڪ، پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ 5ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست 5 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، مڙهه مٽي ماءُ حوالي

مٺي(خاص نمائندو   سڌسماءَچار) ننگر پارڪر ويجهو ڳوٺ راڙڪوئو ۾ پيئڻ جي مٺي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کوهه جي کوٽائي دوران ڀِڪ ڪرڻ سبب 5 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، فوتي ڳوٺاڻن جا مڙهه سوڳوار ماحول ۽ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي. ڪاري سون ڪوئلي جي ديس ٿر ۾ ننگرپارڪر ويجهو ڳوٺ راڙڪوئو ۾ مٺي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ کوهه جي کوٽائي دوران مٽي جي ڀِڪ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا اَجَل جو شڪار ٿي ويا. ڳوٺاڻن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کان  پوءِ فوتين جا لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتي ٽن ڀائرن سميت 5 ڳوٺاڻن جا مڙهه کڄڻ وقت ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائنجي ويو ۽ وارثن ۾ روڄ راڙُ پئجي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *