Friday , March 29 2024

”ڪئپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊنگ!

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نون ليگ اڳواڻ ۽ مريم نواز جي مڙس ڪئپٽن (ر) صفدر سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن حراست ۾ ورتو، سي سي ٽي وي فٽيجز به ڊليٽ ڪيا ويا. ڪئپٽن (ر) صفدر جي ڪراچي جي نجي هوٽل مان گرفتاري واري بابت اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته،  پي ڊي ايم جو جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ رات اڍائي وڳي سادا ڪپڙا پهريل 50 کان وڌيڪ اهلڪارن فاطمه جناح روڊ تي قائم نجي هوٽل جي نگراني شروع ڪري ڇڏي هئي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪئپٽن (ر) صفدر کي نجي هوٽل مان گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس ٽيم سان گڏ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار به موجود هئا، جن ڪئپٽن (ر) صفدر کي حراست ۾ ورتو، حراست ۾ وٺڻ وقت ڪو به پوليس يونفارم ۾ نه هو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته مريم نواز جي مڙس ۽ ن ليگ اڳواڻ کي حراست ۾ وٺڻ جي لڳ ڀڳ 15 کان 20 منٽن بعد نجي هوٽل جي احاطي ۾ ئي پوليس اهلڪارن جي حوالي ڪيو ويو. مليل معلومات مطابق ڪئپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري لاءِ آيل پوليس سان گڏ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن نجي هوٽل جي سيڪيورٽي رڪارڊنگ جي سي سي ٽي وي سسٽم جو به 30 کان 40 منٽن تائين معائنو ڪيو، ۽ گذريل 24 ڪلاڪن جو سي ٽي وي رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري واري سموري مرحلي جا فٽيجز به رڪارڊ مان وٺي هوٽل جي سي سي ٽي وي رڪارڊ مان ڊليٽ/ختم ڪرايو ويو آهي.

وڏو وزير مراد علي شاهه “ معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب، ڪي سي آر بابت به اهم فيصلا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *