Friday , March 29 2024
وزيراعظم عمران خان شاهه محمود ۽ جهانگير ترين

کنڊ جي سبسڊي مان سڀ کان وڌيڪ فائدو جهانگير ترين ۽ اومني گروپ حاصل ڪيو

سنڌ حڪومت کنڊ تي 4 ڏهائي هڪ ارب رپين جي سبسڊي مان اومني گروپ سڀ کان وڌيڪ هٿ صاف ڪيا

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ نيٺ منظر تي اچي وئي، رپورٽ ۾ کنڊ تي مليل سبسڊي مان سڀ کان وڌيڪ فائدو جهانگير ترين جي جَي ڊِي ڊبليو گروپ، چوڌري مونس الاهي، وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ ۽ سنڌ مان اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست (مبينا ڪاروباري حصيدار) انور مجيد جي اومني گروپ حاصل ڪيو آهي، وزيراعظم عمران خان کي ايف آءِ اي جي ٽي ميمبرن تي مشتمل جاچ ڪميشن پان کنڊ اسڪينڊل جي فرانزڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، گذريل 5 سالن دوران کنڊ تي مجموعي طور 29 ارب رُپين جي سبسڊي ڏني وئي. سال 2018ع ۾ وفاق 15 ڏهائي 5 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، سنڌ ۾ صوبائي حڪومت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري سان کنڊ تي 4 ڏهائي هڪ ارب رپين جي سبسڊي ڏني، جنهن جو وڌ ۾ وڌ فائدو رڳو اومني گروپ جي شگر ملز کي ڏنو ويو. رپورٽ ۾ جهانگير ترين، مونس الاهي ۽ شهباز شريف جي خاندان جي ملز ۾ ٻن کاتن توڙي سٽيبازي ذريعي نفعو ڪمائڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.

ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته کنڊ ڪميشڻ جي جاچ رپورٽ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي جيئن جو تيئن عوام آڏو آندي آهي، وزيراعظم عوام سان واعدو ڪيو هو ته ڪميشن جي رپورٽ پڌري ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *