Friday , April 19 2024

ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي سار لهڻ حڪومت جي اوليت ۾ شامل ناهي: سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جو اظهار

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرز ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڏڪار سٽيل علائقن جي سار لهڻ لاءِ سنجيده نه آهي، جي ڊي اڳواڻ عارف مصطفي جتوئي چيو ته هو مونجھاري جو شڪار آھي ته پ پ جو ليڊر آصف زرداري آهي يا بلاول ڀٽو زرداري آھي، چونڊن ۾ پ پ وارا پنهنجي منشور جيڪري نه پر پئسن ذريعي ڪامياب ٿي آيا آهن. سنڌ اسيميبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نئين مالي سال جي پيش ڪيل بجيٽ سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. جي ڊي اي جي ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي بجيٽ تقرير دوران اڳوڻي صدر آصف زرداري کي ڊان سڏيو ته، ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. پ پ جي غلام قادر چانڊيو ۽ ٻين سميت اسپيڪر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. عارف مصطفي جتوئي چيو ته هو مونجھاري جو شڪار آھي ته پ پ جو ليڊر ڪير آهي، آصف زرداري آهي يا بلاول ڀٽو زرداري آھي. عارف مصطفيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ پ پ وارا پنهنجي منشور جيڪري نه پر پئسن ذريعي ڪامياب ٿي آيا آهن. هن چيو ته انور مجيد ھجي يا ڪو ٻيو هاڻي ڪو به بچي نه سگھندو. اجلاس ۾ عارف مصطفي جي تقرير تي پ پ ميمبرن سخت گوڙ ڪيو جنهن تي ڪاوڙجي جي ڊي اي اڳواڻ پنهنجي تقرير اڌ ۾ ڇڏي ڏني.

عارف مصطفيٰ جتوئي کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبر بلاول غفار اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج سميت شهر جي ڪيترن علائقن کي بنيادي سھولتن کان محروم رکيو ويو آھي ۽ ترقياتي اسڪيمون وقت تي مڪمل نه ٿيون ڪيون وڃن. پ پ ميمبر سھراب سرڪي جو چوڻ هو ته جناح اسپتال سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ کانپوءِ ان کي وڌيڪ فنڊ ڏنا ويا آھن، جناح ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ سموري پاڪستان ۽ دنيا مان ماڻھو اچي علاج ڪرائين ٿا. پ پ اڳواڻ چيو ته ايم ڪيو ايم کي واش آئوٽ ڪري پي ٽي آءِ کي آڻي نئون پاڪستان ٺاھيو ويو آھي، پھرين وياج سميت پولنگ ايجنٽن کي به ماريو ويندو ھو پر هن چونڊن ۾ ايجنٽن کي نه ماريو ويو باقي صورتحال ساڳي آھي. سهراب سرڪي چيو ته پي ٽي آءِ بنگالين ۽ افغانين کي شھريت ڏيڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ جي ڳالھه ڪري رھي آھي، سنڌ جو عوام ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪو آھي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم ميمبر وسيم احمد چيو ته ڪراچي جي حَب ڊيم ۾ پاڻي ناھي، شھر ۾ ڪربلا واري صورتحال آھي ۽ سنڌ حڪومت اسلام آباد ۾ سنڌ ھائوس ٺاھي رھي آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پاڻي لاءِ پئسا رکيا ته ان مان ماکي نڪري آئي ۽ ٿر لاءِ پئسا رکيا ته اتي زيتون جا وڻ ڦٽي پيا. ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر چيو ته جيستائين ماکي ۽ زيتون جي تيل جون بوتلون ملنديون رهنديون سنڌ ترقي نه ڪري سگهندو.

جلاس ۾ ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ عبدالباري پتافي چيو ته تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ پنھنجي اڪيلي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آھي مان به پنھنجي اڪيلي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيان ٿو، پنهنجي ڌيءَ کي تڪ جي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائيندس. پي ٽي آءِ ميمبر عمران شاھ ڳالهائيندي چيو ته هو تازو عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جو دورو ڪري آيو آھي اتي اسپتالن جي حالت انتھائي خراب آھي، ليبر روم ۽ ٻين وارڊن ۾ وينٽيليٽر جي سھولت به نه ھئي. هن چيو ته بيمار ٻار کي جڏھن عمرڪوٽ مان ٿرپارڪر منتقل ڪرڻ جي ڳالھه ڪئي وئي تي ٻڌايو ويو ته اتي وينٽيليٽر جي سھولت ناھي، سجاول کڻي وڃڻ جي ڳالھه ٿي ته اتي به وينٽيليٽر جي سھولت نه ھجڻ جو ٻڌايو ويو ۽ جڏھن ٻار کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي ته چيو ويو ته ايمبولينس موجود ناھي، سنڌ جي اسپتالن جي صورتحال اها آهي. پ پ ايم پي اي غزاله سيال چيو ته گئس ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي ملڪ ۾ تبديلي آندي وئي آھي، پي ٽي آءِ جي حڪومت پاڪستان کي وڪڻڻ شروع ڪيو آھي، ڪنٽينر تي ويھي جيڪو ماڻھو تبديلي جي ڳالھه ڪندو ھو، اھو اڄ وزيراعظم ھائوس ۽ گورنرز ھائوس کي وڪرو ڪري رھيو آھي. غزالا سيال چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم ھائوس جون مينھون به وڪرو ڪري رهيو آهي، عمران خان ڇا مينھن ۽ ڍورن کي وڪڻڻ لاءِ وزيراعظم ٿيو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *