Thursday , March 28 2024

ڏکڻ وزيرستان ۾ پاڪ فوج سرحد پار کان دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو،7دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان ۾ سرحد پار دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، پاڪستاني چوڪي تي حملو ڪندڙ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ سرحد پار کان سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو. آءِ ايس پي آر  دهشتگردن خلاف جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. سرحد پار کان دهشتگردن پاران حملا ڪرڻ معمول بڻيل آي، جنهن خلاف سيڪيورٽي فورسز پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *