Friday , April 26 2024

ڏهرڪي ۾ نينگر جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس ٽي ايم او خلاف داخل

گهوٽڪي(سنڌسماءَچار نيوز) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي حڪم تي نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس ٽي ايم او خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ گهران شئي وٺڻ لاءِ ويل معصوم نينگر ڪشور ڪمار کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو هو. جنهن جو لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد هٿ آيو هو.

گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي اچڻ ۽ اخبارن ۾ خبرن جي رپورٽ طلب ڪري نينگر جي والد آڏت رام ۽ ٽي ايم او ارشاد هُليو کي عدالت طلب ڪيو هو. سيشن جج ڏهرڪي ٿاڻي جي وڏي منشي کي به ايف آءِ آر رجسٽر سميت طلب ڪيو هو. سيشن جج جي حڪم تي نينگر جي گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ جو ڪيس آڏت ميگهواڙ جي فرياد تي ٽي او ايم ارشاد هليو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم تي ٽائون ميونسپل آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *