Tuesday , April 23 2024

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي

ڪراچي ( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ آباد غير قانوني پرڏيهين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ايس يو پي، جسقم، عوامي جمهوري پارٽي ايس اين پي سميت ٻين قومپرست پارٽين پاران سنڌ ۾ نادرا جي ضلعي هيڊڪوارٽرز آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڌرڻا به هنيا ويا. احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جيستائين ڌارين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري جاري ڪرڻ بند نه ڪيا ويا ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. سنڌ خاص طور تي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف قومپرست پارٽين پاران جوڙيل، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاج ڪندڙن جو مطالو هو ته، غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ بند ڪيا وڃن ۽ هن وقت تائين جاري ڪيل سمورا ڪارڊ رد ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾نادرا آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا،احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته  ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سان سنڌ جا اصل رهاڪو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، انڪري ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نادرا چيئرمين جي پتلي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. نوابشاهه ۾ علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، نثار ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. شھدادڪوٽ ۾پير بخش ڀٽي،حيات تنيو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيوويو. جيڪب آباد ۾ نادرا آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻوهنيو ويو. گھوٽڪي ۾لعل بخش گھوٽو، ايڊوڪيٽ عبدالرزاق مھر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاج  ڪيو. ڪوٽڙي ۾ عبدالفتاح چنه، جي ايم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسٽيشن روڊ کان نادرا آفيس تائين مارچ ڪري بک  هڙتائي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. سيوهڻ ۾ دريا خان لغاري، اصغر سولنگي، آزاد منصور چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي نادرا سينٽر سامهون ڌرڻو هنيو ويو. ميرپور ماٿيلي ۾ زاهد ميراڻي، اڪرم ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ٺل ۾ جمال، لطيف ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻ علامتي بک هڙتال تي ويٺا. ٺارو شاهه ۾ رضا محمد، امير ڪالاڻي ۽ ڪاشف سيال جي اڳواڻي ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي. سڪرنڊ ۾ عمران ۽عبيدالله ڪيريو  جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن نادرا سينٽر سامهون  ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

غوث پور ۾دلبر ڀنگوار، پيربخش بهلڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بئنڪ چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مُظاهرو ڪيو ويو. باڊهه ۾ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيوويو، جڏهن ته خيرپور، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، ميرپور بٺورو، گمبٽ، ڀرياسٽي سميت ٻين شهرن ۾ به سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سياسي، سماجي اڳواڻن احتجاج ڪيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ سان سنڌي ڳالهائڻ وارا اقليت ۾ تبديل ٿيڻ  جو خدشو آهي، سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو نه روڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *