Friday , March 29 2024

ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي جدوجهد جاري

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌارين کي قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاجي تحريڪ ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، سڄي سنڌ ۾ احٽجاجي مظاهرن ۽ ريلين کانپوءِ ڪراچي ۾ ٻيهر ٽن ڏينهن  واري علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ به ٽن ڏينهن بک هڙتال ڪئي  وئي هئي ۽ ٻئي مرحلي ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني هيٺ جيئي سنڌ قومي محاذ، جي سنڌ محاذ، عوامي جمهوري پارٽي ۽ عوامي تحريڪ سميت سمورين قومپرست پارٽين پاران جوڙيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سيد زين شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، اعجاز سامٽيو، امير آزاد پنهور، احمد سولنگي،خير محمد مگسي،ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ٽن ڏينهن واري علامتي بک هڙتال جاري آهي.

بنگالين، برمين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ نادرا اختيارين خلاف بُک هڙتال ٻين پارٽين شرڪت ڪري چتاءُ ڏنو آهي ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪندڙ نادرا ڪارڊ رد نه ڪيا ته احتجاج جاري رکيو ويندو. سيد زين شاھ چيو آهي ته ڌارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهيندڙ نادرا اختيارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي نوڪرين تي ڌارين کي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين. ان حوالي سان ڄاڻ موجب ته ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ جون 14 کان مٿي قومپرست جماعتون، سماجي ۽ ادبي ڌريون توڙي ساڃاھ وندن پاران جوڙيل ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ پاران برمين، بنگالين ۽ افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف احتجاج جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سيد زين شاھ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، اعجاز سامٽيو، امير آزاد پنهور، احمد سولنگي،خير محمد مگسي،ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 72 ڪلاڪن واري بُک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *