Thursday , April 25 2024

ڊيووس: پاڪ چين اقصادي راهدي پاڪستان سميت خطي جي معاشي ترقي جو نقشو تبديل ڪندو:وزيراعظم

ڊيووس: وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن ۽ سيڙپڪارن لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. ڊيووس ۾ مختلف ملڪن جي سيڙپڪارن ۽ وفدن سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته، هن وقت پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ بهترين ملڪ جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهدري پاڪستان جي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيو آهي، ان سان خطي جي معاشي صورتحال تمام گهڻا مثبت اثر پوندا

ٻي طرف وزيراعظم نوازشريف سوئس ڪنفيڊريشن جي صد سان ملاقات ڪري معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.

عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس پهتل وزير اعظم نواز شريف ڪنفيڊريشن جي صد ڊورس ليوٿارڊ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران طارق فاطمي، تهمينا جنجوعا ۽ ٻيا به اڳواڻ به شريڪ هئا.
ڊورس ليوٿارڊ چيو ته چئلينجز باوجود پاڪستان جي معاشي ترقي تي خوشي آهي،پاڪستان درست رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو اقتصادي روڊ ميپ واکاڻ جوڳو آهي، بهتر ماحول سبب سوئس ڪمپنيون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *