Friday , April 19 2024

ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪندس، مُلڪ نه هجي ها ته اعتزاز جو منشي هجان ها: چيف جسٽس ثاقب نثار

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار پاڻي کي سون جي اگهه برابر قرار ڏيندي چيو آهي ته جنهن به ڊيم خلاف ڳالهايو يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪندس، خدمت کانسواءِ ٻيو ڪو به مقصد ناهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ منرل واٽر ڪمپنين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته، سندس زندگي جو مقصد ملڪ جي خدمت ڪرڻ آهي ان کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ڊان آن لائن مطابق جيڪڏهن هي ملڪ نه هجي ها ته شايد مان اعتزاز احسن جو منشي هجان هان.

چيف جسٽس چيو ته، مان آئين جي آرٽيڪل 6 جو مطالعو  شروع ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي جن ماڻهن ڊيم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ منرل واٽر ٺاهڻ وارين ڪمپنين بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران وفاقي سرڪار جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪمپنيون حڪومت کي 25 پئسا في لٽر ادا ڪري 50 رپيه في لٽر وڪرو ڪري رهيون آهن. ايم ڊي واسا عدالت کي ٻڌايو ته، 2018  کان اڳ پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون زمين مان مفت پاڻي ڪڍي رهيون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنيون حڪومت سان پاڻي ڪڍڻ جو ريٽ طئي ڪن. هن چيو ته ڏسڻو پوندو ته منرل واٽر ۾ منرلز به آهي يا نه آهي. مان گهر ۾ پاڻ نڪلي جو پاڻي اوٻاري پيئندو آهيان ڇو ته منهنجي قوم اهو پاڻي پي رهي آهي. غريب ماڻهو اڄ به گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته پاڻي هاڻي سون کان به وڌيڪ مهانگو آهي، ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ پوڻ نه ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *