Friday , March 29 2024

ڊيمن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو جو سوال ڪرڻ غداري ته ناهي؟ بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  حڪمرانن کان سوال ڪيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هي سوال پڇڻ غداري ته ناهي، هن چيو ته سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهيا ويا ته پوءِ سوڪهڙي سٽيل سنڌ جو ڇا ٿيندو؟هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ئي فيصلو ٿي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ جهوني سياسي اڳواڻ نوابزاده نصرالله خان جي ورسي جي تقريب  کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ سليڪٽيڊ حڪمرانن جي حوالي ڪيو ويو آهي ، انهن مان مسئلن حل ڪرڻ جي اميد ناهي. هن چيو ته سمنڊ سنڌ جي 24 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، توهان  کي سوڪهڙي سٽيل  ٿر، ٺٽو ۽ بدين گهمڻ جي دعوت ڏيان ٿو، سي سي آئي ئي مجاز اختياري آهي، جنهن جي فيصلي کي عدالت چيلينج ڪري نٿي سگهي. هن چيو ته ناتجربيڪار حڪمران ملڪ کي تباهي طرف ڌڪي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم کي گڏيل قومن جي اجلاس ۾وڃڻ گهرجي ها، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي مذاق بڻايو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18هين ترميم ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿين پيون، پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته آئين سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ سليڪٽيڊ حڪومت حوالي ڪري سينسرڊ جمهوريت مڙهي وئي آهي. هن چيو ته ڌانڌلين  تي ٻين جيان اسان کي به سخت ڪاوڙ آهي،پر پ پ ڀڃ ڊاهه واري سياست ڪري نظام کي خطري ۾ وجهڻ نه ٿي چاهي. هن چيو ته آصف زرداري 30 سالن کانپوءِ  اڄ به عدالتن ۾ حاضريون ڀري رهيو اهي، عوام سوال ڪري ٿو ته چونڊن دوران  سياستدانن کي شهيد ڇو ڪيو ويو. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ خدشا ختم نه ٿيا ته هر حد تائين وڃي سگهون ٿا. بلاول چيو ته اسان بنا ڪنهن سبب جي ڊيمن جا مخالف ناهيون، پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾صورتحال خراب آهي. هن چيو ته ڏڪار جي صورتحال صرف ٿر نه پر ٻين علائقن ۾به آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *