Friday , April 19 2024

ڊيري فارمرز پاڻمرادو کير مهانگو ڪري ڇڏيو،عام واهپيدارن کي 120 رپيا في لٽر ملڻ لڳو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن پاڻمرادو کير جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، عام واهپيدارن کي کير 118 کان 120 رپيا في لٽر ملڻ لڳو، ڪمشنر آفيس ڪراچي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪجهه ڏينهن کان ڊير فارمرز جون سرگرميون ڏسڻ ۾ آيون هيون، لڳي ٿو ته ڪمشنر کي معاملي جي اڳواٽ خبر هئي، ڊيري فارمرز بظاهر انتظاميه کي ڪجهه به ٻڌائڻ کانسواءِ پاڻمرادو اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته، ايسوسيئيشن پاران کير في لٽر 110 کان 113 رپين تائين ڪرڻو آهي، انڪري اگهه 118 کان 122 رپيا پووڌايو ويو آهي، رمضان شريف جي اچڻ کان اڳ ئي کير جي سرڪاري اگهه ۾ واڌ ڪئي ويندي.

کير جو اگهه 85بدران 118 کان 120 رپيا في ليٽر هوندو، ڊيري فارمرز جو چوڻ آهي ته، مهانگائي ۾ واڌ سبب اگهه وڌايا آهن، ٻئي طرف انتطاميه ملڪ شاپ وارن طرفان اگهه ۾ ڪيل پاڻمرادو واڌ جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. دوڪاندارن جو چوڻ آهي ته اسان کي جيتري اگهه تي ملندو ان جي حساب سان ريٽيلرز جي اگهه ۾ واڌ واري مناسبت سان في لٽر اگهه وڌائي ڇڏينداسين. ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ کير 120 رپين تائين في لٽر وڪرو ٿيڻ لڳو آهي پر اڃا تائين انتظاميه خاموشي سان تماشو ڏسي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *