Friday , April 19 2024

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شڪارپور جو اجلاس، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪبي: آغا مسيح

Ijlas

شڪارپور ( راحب شيخ) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو اجلاس جنهن جي صدارت چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آغا مسيح الدين خان دراني ۽ نائب چيئرمين امير علي ڪماريو جن جي نگرانيءَ ۾ ٿيو. ڳالهائيندي ڳوٺ پير بدر جي ڪائونسلر چيو ته يوسي ۾ 10 اسڪول آهن، اهي به اڪثر بند رهن ٿا ۽ اتي ڪوبه استاد ڊيوٽي تي نه آهي. اسڪولن جي اهڙي حالت آهي جو اسڪولن جون ڇتيون ڪمزور آهن ۽ در دريون ڀڳل آهن. يوسي مرزاپور جي ڪائونسلر غلام مصطفيٰ چيو ته مرزاپور هاءِ اسڪول ۾ 656 شاگرد آهن، اتي استاد جو تعداد ٽوٽل 46 آهي جڏهن ته اتي صرف 11 استاد ڊيوٽي ڪن ٿا. نياڻين جي مڊل اسڪول ۾ 156 شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن اتي به استادن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مڊل اسڪول جي ايس اين اي به منظور ٿيل آهي.

يوسي ڳاهيجا جي ڪائونسلر محمد بچل چيو ته اسان اسڪولن جي مسئلن جي پوري لسٽ ٺاهي آهي جيڪا ايڊيوڪيشن جي آفيسرن وٽ جمع ڪرائي آهي. يوسي ڊکڻ جي ڪائونسلر شعيب محمود سيال چيو ته اسان وٽ اسڪولن جي عمارتن جي حالت تمام نازڪ آهي ڪهڙي به وقت ڪهڙو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو ۽ گرلس اسڪول به ڪافي عرصي کان بند آهي ۽ ان مڊل اسڪول کي اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو هو. اهو اڃان تائين عمل ۾ نه اچي سگهيو آهي ۽ اهو به پڻ بند پيل آهي اسڪول جو اسٽاف اڃان تائين گم آهي. اسان وٽ قبائلي تڪرار هلن ٿا انهن جو واحد حل تعليم آهي.

اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين آغا مسيح الدين خان دراني چيو ته اسڪولن کي گرميءَ جو موڪلون هلي رهيون آهن جيئين موڪلون ختم ٿينديون ته توهان ۽ اسان گڏجي هڪ پروگرام ٺاهينداسين جيڪو هر ڳوٺ ۽ هر يوسيءَ ۾ اسڪولن جو دورو ڪري معائنو ڪنداسين ته اسڪولن جي ڇا پوزيشن آهي جيڪا واضع ٿي ويندي ۽ جن به اسڪولن ۾ جيڪا به کوٽ آهي ته اها لسٽ ٺاهي اسان وٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي ته جيئن ان تي عمل ڪرائي سگهون ۽ استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪرائي سگهون. ڳوٺ مارون ڪاڪيپوٽا جي يوسي ڪائونسلر انور علي چيو ته قاسم ڪلهوڙي کان سم شاخ تائين پٿر وڇايا ويا آهن، جيڪو اتان جي عوام لاءِ تمام مصيبت بڻجي ويو آهي ۽ ٺيڪيدار روڊ کاتي مان پوري رقم وٺي غائب ٿي ويو آهي. ان موقعي تي مختلف ميمبرن شڪايتون ڪندي چيو ته اسان وٽ به روڊ تي پٿر لٿل آهن جيڪو ڪم رولڙي جو شڪار آهي. ان موقعي تي ضلع چيئرمين چيو ته ٺيڪيدار ۽ روڊس کاتي جا عملدار جيڪي ملوث آهن انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ڊي او روڊس کي چيو ويو ته اوهان هتي ڇا پيا ڪريو. ان موقعي تي ايس ڊي او روڊس شاهجهان چيو ته آءُ هتي نئون آيو آهيان پهريان ٻيو آفيسر مقرر هيو ۽ آءُ ان معاملي جو جائزو وٺي رپورٽ اوهان جي اڳيان پيش ڪندس. ان موقعي تي تعليم، فشريز، پاپوليشن، روينيو، بلڊنگس، روڊس، سوئي گيس ۽ ٻين کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *