Thursday , April 25 2024

ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ شگرملز چالو ڪرڻ ۽ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي( اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ شگرملز  ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ چالو ڪري ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ معاملو شگرملز مالڪن جي مرضي تي ڇڏڻ جو فيصلو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ شگر ملز چالو نه ڪرڻ واري سنڌ حڪومت ۽ ملزمالڪن جي ڳٺ جوڙ منظر تي اچي ويو آهي.مالڪن کي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ ملز چالو ڪرڻ کان اڳ کنڊ ايڪپورٽ ڪرڻ تي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سنڌ سرڪار شگر ملز وقت تي چالو ناهي ڪرائي سگهي پر شگر ملز مالڪن کي ڪروڙين رپين جو مالي فائدو پهچائڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ڪين ڪمشنر آغا ظهيرالدين سنڌسماءَچار سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته، شگر ملز مالڪن سان ڳالهيون هلندڙ، جنهن ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ 18 رپيا في ڪلو تي سبسڊي ڏيڻ جي سفارش ڪيل آهي. هن چيو ته سبسڊي واري رقم جو اڌ وفاق ۽ اڌ سنڌ سرڪار برداشت ڪندي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، سنڌ ۾ شگرملز مالڪن ملز چالو نه ڪرڻ جي پٺيان به اهو ئي مک ڪارڻ هو ته، ڪمند جي ڪريشنگ جي گذريل مند دوران کنڊ جي پيداوار مان 5 لک ميٽرڪ ٽن بچيل کنڊ وڪرو ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ذريعي وفاقي سرڪار خاص طور تي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي معاملي کان آگاهه ڪري معاملي تي غور ڪرڻ جو چيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ جي شگرملز مالڪن کي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ معاملي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪري اتان کنڊ جي ايڪپورٽ لاءِ منظوري ورتي وئي. جنهن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جي شگرملز مالڪن ۽ ايڪسپورٽرز کي به فائدو ملندو.  سنڌ سماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ بعد ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي مان کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري واري معاملي ۾ اهم سياسي شخصيتن جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *