Friday , April 19 2024

ڊاڪٽر عاصم جي 477 ارب رپين جي مالهي گهوٽالي جيس ڪيسز ۾ ضمانت منظور، پرڏيهه نه وڃي سگهندو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت واري درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري سندس ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي موجب ڊاڪٽر عاصم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندو تحريري فيصلو 19 صفحن تي ٻڌل آهي ،عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ ڊاڪٽر عاصم کي مفلوج ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي .فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن جوابدارن جون ضمانتون ٿي ويون آهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت به ڊاڪٽر عاصم کي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي .ريفري جج به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ضمانت ڏني وڃي پر پاسپورٽ ناظر وٽ جمع ڪيو وڃي .ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙسنڌ هاءِ ڪورٽ جي  جسٽس ڪي ڪي آغا جو فيصلو برقرار رکندي ڊاڪٽر عاصم جي 17ارب ۽462 ارب ريفرنس ڪيسن ۾ 25،25 لک جي ضمانت عيوض منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت گذريل ڏينهن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو .جيڪي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق شاهه ٻڌايو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج ڊاڪٽر عاصم جي ٻن ڪيسن 462 ارب ڪرپشن ڪيس ۽ 17 ارب ڪرپشن ڪيس ۾ ميڊيڪل بنياد تي ضمانت منظور ڪندي ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل کي 25 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت منظور ڪئي.چيف جسٽس ۽ ٻئي جج جي اختلافي فيصلي کانپوءِ معاملو ريفري جج جسٽس آفتاب ڳورڙ کي موڪليو ويو هو، جنهن تي جسٽس آفتاب ڳورڙ فيصلو ٻڌائيندي ڊاڪٽر عاصم کي 50 لک رپين عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ڊاڪٽر عاصم ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهندو، ڊاڪٽر عاصم نيب ريفرنس کان علاوا ٻين ٻن ڪيسن ۾ اڳ ئي ضمانت منظور ڪرائي ڇڏي آهي.جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم جي آزادي جا آرڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن .ڊاڪٽر عاصم جا وڪيل ضمانتي مچلڪن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪري ڇڏيو آهي پر ڊاڪٽر عاصم جي رهائي مڪمن نه آهي ان ڪري ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پاسپورٽ جمع ڪرايو وڃي جيڪي  جمع نه ڪرايو ويو آهي .ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو آهي ته پاسپورٽ جي شرط ختم ڪرڻ جي لاءِ اڄ درخواست داخل ڪئي ويندي .پاسپورٽ جمع ڪرڻ کان پوءِ نيب ريفرنسز ۾ ريليز آرڊ جاري ڪندي .يادرهي ته ڊاڪٽر عاصم کي 26 آگسٽ 2015ع ۾ گرفتار ڪيو ويو .90 ڏينهن تائين رينجرز پنهنجي تحويل ۾رکڻ کان پوءِ پوليس جي حوالي ڪيو .3 مهينهي ۾ 3 ڪيس داخل ڪيا ويا.ضيا الدين اسپتال ۾ دهشتگردن جو علاج،سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ مبينا ڪرپشن ،زمينن تي قبضو،مني لانڊرنگ،رشوت،ٽرسٽ جي زمين جو غلط استعمال ۾ 462 ارب رپين جو ريفرنس ۽جام شورو جوئنٽ وينچر لميٽيڊ ۾ ٺيڪن جو  مبينا 17ارب رپين ڪرپشن جو ريفرنس ڪيس داخل ڪيا ويا آهن .دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي .ٻه ريفرنسز ۾ فردجرم لاڳو ٿي چڪي آهي .نيب جي 17ارب جي ريفرنس ۾ 19 مهيني جي باوجود فردجرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي .جڏهن ته ضمانت ۾ بئنچ جي اختلاف جي ڪري ريفري جج کي چيف جسٽس سنڌ موڪلي جيڪي 29 مارچ تي فيصلو بڌايو ويو .

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *