Friday , March 29 2024

ڊاڪٽر عاصم جي خواهش تي پ پ فيروز بنگالي کي ڪراچي مان قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي

فائل فوٽو

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي، غير قانوني طور سنڌ ۾ ترسيل پرڏيهين خاص طور تي، بنگالين، برمين، روهينگين ۽ ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائيندڙ ۽ پاڪستاني بنگاليز شيخ محمد فيروز (فيروز بنگالي) کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. آصف زرداري، بلاول ڀٽو زردزاري، فريال ٽالپر ۽ نثار کهڙو جي سربراهي ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست لاءِ اجلاس ۾ آخرڪار فيصلو ڪري ورتو. پيپلز پارٽي ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي تي مشتمل قومي اسيمبلي جي تڪ تي ٽڪيٽ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آصف زرداري، بلاول ۽ نثار کهڙو جي نگراني ۾ ٿيل اجلاس ۾ شيخ محمد فيروز (فيروز بنگالي) کي اين اي 240 تي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. فيروز بنگالي هميشه، ايم ڪيو ايم جو حامي ۽ انهن کي ووٽ ڏياريندو رهيو آهي. پ پ ساڻس واعدو ڪيو هو ته، سنڌ خاص طور تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سمورن بنگالين، برمين ۽ روهينگين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائي پاڪستاني شهريت ڏني ويندي.

پيپلز پارٽي جي اهڙي واعدي کانپوءِ پ پ اندروني طور تي  خاموشي سان غير قانوني طور تي سنڌ ۾ ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون هيون. پ پ ن ليگ جي مدد سان قومي اسيمبلي مان هڪ ٺهراءُ منظور ڪرائي بنگالين، برمين،افغانين ۽ روهينگين کي سڃاڻپ ڪارڊز جاري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان ٺهراءَ بعد کين سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جن کا نادران پاران صرف 50 رپين جو دستاويز / حلف نامو وٺي ڌڙا ڌڙ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن.

لاڳاپيل خبرون هيٺ ڏنل لنڪس کي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *