Friday , March 29 2024

ڊاڪٽر عاصم به علاج لاءِ پرڏيهه ويندو..!!

Dr Asim & Asif

سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته، نيب ڊاڪٽر عاصم جي ميڊيڪل رپورٽ تي ڪو به اعتراض نه واريو آهي، جنهن ڪري سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، ڏوهارين ۽ دهشتگردن ۾ فرق آهي، پابندي مڙهيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ته گهرو وزير به ملاقات ڪندو رهيو. سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين پاران پرڏيهه مان علاج واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس دوست محمد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم جڏهن وزير هو ته تڏهن علاج ڇو نه ڪرايو؟.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته ڊاڪٽر عاصم ان وقت دل جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ هاڻ کيس پٺن جي تڪليف آهي.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته حيرت آهي ته نيب ڇڏڻ ۽ پڪڙڻ بابت ماڻهن جي چونڊ ڪري ٿو، هڪ وزير جي گھران پئسا مليا نيب ان کي پلي بارگين ڪري ڇڏي ڏنو. جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته بيماريءَ ۽ ميڊيڪل رپورٽس مطابق کيس نفسياتي مسئلا به ان باوجود به هُو پئٽروليم واري وزارت هلائيندو رهيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشتگردن ۾ فرق هوندو آهي، پابندي مڙهيل تنظيمن سان ته گهرو وزير به ملاقات ڪندو آهي. جسٽس دوست محمد خان چيو ته دهشتگرديءَ جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم تي ڪهڙو الزام آهي. سپريم ڪورٽ، ڊاڪٽر عاصم جو نالو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي گهرو کاتي کي سندس نالو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *