Tuesday , April 16 2024

ڊاڪٽر رٿ فائو سوين آلين اکين سان سنڌ جي جهوليءَ حوالي…

Dr ruth 07Dr ruth 01

ڪوڙهه جي مريضن جي علاج لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ مسيحا ڊاڪٽر رٿ فائو جو مڙهه قومي عزاز سان گورا قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر رٿ فائو 50 سالن کان وڌيڪ عمر سنڌ ۾ گذارڻ بعد هميشه لاءِ سنڌ جي جهوليءَ ۾ آرمي ٿي وئي. ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري رسمن ۾ صدر، آرمي چيف، وڏي وزير، گورنر، ڪور ڪمانڊر. ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ سميت سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر رٿ فائو جو مڙهه هولي فئملي اسپتال مان سخت انتظامن هيٺ ڪوڙهه جي مريضن واري اسپتال آندو ويو، جتان آخري رسمن لاءِ سينٽ پيٽرڪ ڪيٿيڊرل چرچ  آندو ويو. سينٽ پيٽرڪ ڪيٿيڊرل چرچ ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو جي مڙهه جون رسمون مڪمل قومي اعزاز سان ادا ڪيون ويون ۽ پاڪ فوج جي دستي پاران سلامي ڏني وئي.

Dr ruth 02Dr ruth 03

آخري رسمن ۾ ٽنهي فوجن جا نمائندا موجود رهيا، جڏهن ته چرچ ۾ موجود ماڻهن کي سندس آخري ديدار ڪرايو ويو، ان  موقعي تي سولجر بازار کان ريگل چوڪ تائين پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي وئي هئي. پاڪستان جي مدر ٽريسا لقب ماڻيندڙ جرمن ڄائي ڊاڪٽر رٿ فائو جو مڙهه قومي اعزاز سان گورا قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Dr ruth 06Dr ruth 05Dr ruth 04

ڊاڪٽر رٿ فائو جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ دوران صدر ممنون حسين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر محمد زبير، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه به تدفين ۾ شريڪ ٿيا ۽ گل رکيا جنهن بعد عام شهرين وڏي انگ ۾ گورا قبرستان پهچي ڊاڪٽر رٿ فائو جي آخري آرمگاهه مٿان گل رکيا ۽ لڙڪ هاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *