Thursday , March 28 2024

ڊان ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ٿيندي،ڪارروائي چيف جسٽس جي چئمبر ۾ ٿيندي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم جي عهدي تي موجدگي دوران منظر تي آيل ڊان ليڪس واري معاملي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي رهي آهي، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ معاملي جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ نواز شريف به ڌر بڻايل آهي. سپريم ڪورٽ ۾ قومي سلامتي خلاف خبر جي اشاعت جي حوالي سان مشهور ڪيس بابت عربي نالي شخص طرفان درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ پهرين مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. درخواستگذار طرفان اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي ڌر بڻايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي بئنچ پهرين مارچ خميس ڏينهن ٻڌڻي ڪرڻ واري آهي. ڊان ليڪس جي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ درخواست سميت سندس وڪيل ۽ نواز شريف جي وڪيل سميت سمورين ڌرين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيسز به جاري ڪري ڇڏيا آهن. درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس پنهنجي چيمبر ۾ ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *