Friday , March 29 2024

ڪراچي-حيدرآباد موٽروي، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي آمهون سامهون آڻي ڇڏيو

nawaz-sharif a Nasir Shah

Karachi-Hyderabad-Motorway-Route-Map-136-KM

ڪراچي – حيدرآباد جي موٽروي جي ايم 9 جو پهريون فيز جيڪو 75 ڪلوميٽرز تي ٻڌل آهي اهو مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن جو افتتاح وزيراعظم ميان نواز شريف اڄ ڪري رهيو آهي. موٽر وي جي افتتاح لاءِ جيئن ئي اعلان ڪيو ويو ته، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي هڪٻئي جي آمهون سامهون آڻي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير ناصر حسين شاهه ايم نائين-موٽروي منصوبي بابت واضع طور تي چئي ڇڏيو آهي ته وفاقي حڪومت سپر هاءِ وي جي مرمت ڪرائي ان تي قبضو ڪري رهي آهي، جنهن کي مرمت ڪرائڻ بعد موٽروي جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي. ناصر شاهه جو اهو به چوڻ آهي ته ٽول ٽئڪس پنهنجي مرضي سان مقرر ڪري وفاقي حڪومت صوڀائي خودمختياري تي به ڌاڙو پئي هڻي.

 ٽول اوڳاڙيندڙ اختيارين ان حوالي سان نوان ٽول ٽيڪس اگهه پريس رليز ذريعي ظاهر ڪيا آهن، پهرين حيدرآباد کان ڪراچي تائين ڪار جو ٽول ٽيڪس 30، وين جو 45، ڪوسٽر جو 70، بس جو 70، ٽرڪ جو 90 ۽ ٽرالر جو 75 رپيا هو پر هاڻي موٽر وي انتظاميا خوشخبري جا پمفليٽ ورهائي ٽول ٽيڪس جا نوان اگهه لاڳو ڪري ڇڏيا. ٽول ٽئڪس جي نون اگهن مطابق ڪار 1.58 رپيا في ڪلوميٽر، وين 2.64 رپيا في ڪلوميٽر، ڪوسٽر 3.70 في ڪلوميٽر، بس 5.28 في ڪلوميٽر، ٽرڪ 7.10 رپيا في ڪلوميٽر ۽ ٽرالر 9.05 في ڪلوميٽر جي حساب سان اوڳاڙي ڪئي پئي وڃي، يعني ڪار 120 رپيا، وين کان 200 رپيا، بس کان 400 رپيا، ٽرڪ کان 500 رپيا ۽ ٽرالر کان 800 رپيا ٽول ٽيڪس ورتو پيو وڃي، ٽول ٽيڪس ٻيڻا ٿيڻ سبب عوام توڙي ٽرانسپورٽر سراپا احتجاج ٿي ويا آهن.

ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي منصوبي تي خدشن جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت سان اضافي ٽول ٽيڪس جي اوڳاڙي تي احتجاج پڻ ڪيو آهي، ذريعن موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ ڪميونيڪيشن واري وفاقي سيڪريٽري شاهد اشرف تارڙ سان فون تي رابطو ڪري موٽر وي واري معاملي تي کيس سنڌ حڪومت جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.

 سنڌ جي چيف سيڪريٽري اهو موقف رکيو ته هي موٽر وي پنجاب جي موٽر وي کان مختلف آهي، اُن ڪري هن موٽر وي تي پنجاب جي طرز جو ٽول ٽيڪس لاڳو نه ڪيو وڃي ۽ اُن کي گهٽايو وڃي، ڇو ته هي موٽر وي موجوده سپر هاءِ وي تي ٺاهيو ويو آهي، ذريعن موجب وفاقي سيڪريٽري ٽيڪس جي پئسن بابت تفصيل نه هجڻ جو چوندي کيس معاملي تي رپورٽ گهرائي پوءِ آگاهي ڏيڻ جي ورندي ڏني آهي.ذريعن موجب تعمير ٿيندڙ موٽر وي تي هن وقت ئي ٽول ٽيڪس لڳائي في ڪار کان 120 رپيا وصول ڪيا پيا وڃن جڏهن ته 22 ويلر وڏين گاڏين کان 800 رپيا ٽيڪس ورتو پيو وڃي، جنهن تي سنڌ حڪومت اعتراض واريا آهن، ٻئي پاسي هڪ خانگي ٽي وي چئنل موجب ٽرانسپورٽ جي وزير ناصر شاهه چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن وفاقي سرڪار ٽول ٽيڪس جي معاملي تي اسان جي ڳالهه نه مڃي ته پوءِ اسان ٽول پلازه ئي پٽي اڇلائينداسين، سپر هاءِ وي جي ٽول ٽيڪس کي موٽروي ٽول ٽيڪس سان ملائڻ ظلم آهي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *