Tuesday , April 23 2024

ڇهين آدمشماري:پنجاب جي آبادي ٽن صوبن کان وڌي وئي، سنڌ ۾ پوڻان5ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا…!!

census-karachi2

پاڪستان جي شماريات کاتي پاران آدمشماري جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق آبادي جي لحاظ کان پنجاب جي آبادي، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي مجموعي آبادي کان به وڏو صوبو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي/ ٻهراڙي جي آبادي شهري آبادي به گهٽجي وئي.

هلندڙ سال دوران ملڪ ۾ ڪرايل ڇهين آدمشماري جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن. آدمشماري جي مجموعي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 ڏيکاري وئي آهي.

census PCcensus image2

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شماريات کاتي جي سربراهه پاران، هلندڙ سال ٿيل ڇهين آدمشماري بابت رپورٽ پيش ڪئي.

آدمشماري جي مجموعي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 77 لک 74 هزار 520 ٿي وئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 ڏيکاري وئي آهي. شماريات کاتي جي پيش ڪيل انگن اکرن مطابق، سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 86 هزار 51 ۽ پنجاب جي آبادي 11 ڪروڙ 12 هزار  آهي. ڪي پي جي آبادي 3 ڪروڙ 5 لک، بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 23 لک 43 هزار۽ فاٽا جي ڪل آبادي 50 لک آهي.

شماريات کاتي موجب سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 49 لک ۽ ٻهراڙي جي آبادي 2 ڪروڙ 29 لکن کان وڌيڪ آهي. سنڌ جي شهري علائقن ۾ مردن جو انگ هڪ ڪروڙ 19لک 19 هزار ۽ عورتن جو انگ هڪ ڪروڙ 56لک  آهي.

آدمشماري جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مردن جو انگ هڪ ڪروڙ 30 لک ۽ عورتن جو انگ هڪ ڪروڙ 19 آهي. شماريات کاتي موجب ملڪ جي مجموعي شهري آبادي 34 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي آبادي 66 سيڪڙو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *