Friday , April 19 2024

چڪرا ڳوٺ ۾ وحشي پيءُ نوجوان ڌيءُ کي ڇري جا وار ڪري ماري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي جي علائقي چڪرا ڳوٺ ۾ ظالم پيءَ  ڇرين جا وار ڪري پنهنجي نياڻي کي قتل ڪري ڀڄي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ جوابدار نياڻي جي والدهه کي به شڪارپور ۾ قتل ڪيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ظالم پيءَ 18 سالن جي نياڻي ثمرين کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو،واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جمعي جي نماز وقت ثمرين گهر ۾ اڪيلي هئي ته سندس پيءَ مٿس حملو ڪري ڏنو.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار 2 سال اڳ شڪارپور ۾ پنهنجي گهرواريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هو.پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *