Thursday , April 18 2024

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ؛ آصف زرداري جي نشاني تي

”ٽن سالن جي نوڪري واري کي قوم جافيصلاڪرڻ جو ڪهڙو حق“:آصف زرداري

حيدرآباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ”مان عوام جي ذريعي انهن، انڌن، ٻوڙن ۽ گونگن سان مخاطب آهيان، جن کي 100 ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ چون ٿا ته سئو ڏينهن ٿورڙا آهن، اسان انهن ڏينهن ۾ ڇا ٿا ڪري سگهون“، اهو چوڻ آهي آهي اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جو، هُو مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ نيب ۽ جي آءِ ٽي پاران نوٽيس ملڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. آصف زرداري، گهڻ معنائي جملي ۾ هڪ تير سان ٻه شڪار ڪندي چيو ته، ” جنهن جو مُدو رڳو 3 سال هجي، ان کي قوم جا فيصلا ڪرڻ جو ڪهڙو حق ٿو پهچي، اِهو حق صرف پارليامينٽ کي ئي آهي ۽ ان جي اها آئيني ذميواري آهي جيڪا ان کي ادا ڪرڻ گهرجي“.آصف زرداري نالو کڻڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ، ”ڪڏهن هڪ هنڌ دورو ڪري ٿو ته ڪڏهن ٻي جاءِ جو دورو ڪندو ٿو وتي، حالانڪه ان جو ان سان ڪو واسطو ئي نه آهي، عدالتن ۾ 9 لک ڪيس رولڙي جو شڪار آهن، توهان اهو ڪم ڪيو جنهن جي  اوهان تي آئيني ذميواري آهي، اوهان اها ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي؛ آصف زرداري جو چوڻ هو ته، ”بهتر هو ته عام چونڊون صاف شفاف ٿيڻ ڏنيون وڃن ها، سياسي پارٽيون وڙهي سڙهي اتفاق راءِ سان حڪومت قائم ڪن ها“. اڳوڻي صدر چيو ته، جيڪي اسان کان پڇي رهيا آهن ته اسان جي حڪومت 100 ڏينهن ۾ ڇا ڪيو، انهن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته، اسان پرويز مشرف کي گهر موڪليو، پوءِ سوات مان طالبان جو قبضو ختم ڪرايو ۽ پوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، پر هنن کي ته رڳو ڪڪڙين ۽ بيدن کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ اچي ئي نه ٿو.

 

حيدرآباد: پيپلز پارٽي جي جلسي جو ڏيک

حيدرآباد: پيپلز پارٽي جي جلسي جو ڏيک

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *