Wednesday , April 24 2024

چيف جسٽس رٽائرڊ آصف سعيد کوسو جا انصاف جي فراهمي لاءِ ساراهه جوڳا قدم

ماڊل ٽرائل ڪورٽس سميت انصاف جي فرامهي لاءِ چيف جسٽس رٽائرڊ آصف سعيد کوسو جا  ساراهه جوڳا قدم

ڪراچي(رپورٽر   سنڌ سماءَچار) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس رٽائرڊ آصف سعيد کوسا پاڪستان جي عدالتي نظام ۾ جديد دور سان قدم سان قدم ملائي هلڻ لاءِ بنيادي ۽ انقلابي قدم کنيا ۽ پاڪستان جي عدالتي نظام کي جديد ٽيڪنالوجي تحت هلائڻ جا فيصلا ڪيا. چيف جسٽس رٽائرڊ  آصف سعيد کوسو سنگين ڏوهن وارن ڪيسن جي تڪڙي اڪلاءَ لاءِ ماڊل ٽرائل ڪورٽس قائم ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رولڙي جو شڪار ڪيس هفتن اندر اڪلايا ويا. آصف سعيد کوسو چيف جسٽس جي حيثيت سان ٻن اڳوڻن وزيراعظم نواز شريف ۽ سيد يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪرڻ ۽ پرويز مشرف جي 2007 جي ايمرجنسي وارن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچن جو حصو رهيو، جسٽس آصف سعيد خان کوسا 21 مئي 1998ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج، 18 فيبر 2010 تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جڏهن ته 18 جنوري 2019ع تي چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليو، جسٽس آصف سعيد کوسا 9 سال 10 ڏينهن ٻه مهينا سپريم ڪورٽ جو جج رهيو، جسٽس آصف سعيد خان کوسا 21 سال جج جي عهدي تي رهندي 57 هزار کان وڌيڪ ڪيسن ۽ درخواستن جو فيصلو ڪيو آهي، هن قانون سان لاڳاپيل 4 ڪتاب به تحرير ڪيا، جن ۾ هيڊنگ دي ڪانسٽيٽيوشن، ڪانسٽيٽيوشنل ايپلاجي ۽ ججنگ وٿ پيشن ۽ بريڪنگ نيو گرائونڊ شامل آهن، جسٽس آصف سعيد خان کوسا انصاف جي فوري قيام لاءِ ماڊل ڪورٽس جوڙيون، سپريم ڪورٽ ۾ اي وڊيو لنڪ ذريعي جديد ٽيڪنالاجي قائم ڪئي، هن بطور چيف جسٽس آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت ڪيس جو تاريخي فيصلو ڏنو، دهشتگردي جي وضاحت ڪئي، حسين حقاني ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، ان کان علاوه آسيه بيبي ۽ ممتاز قادري جي اپيلن واري بينچ جو پڻ حصو رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *